عالمي طاقتون ايٽمي پروگرام خلاف سرگرم آهن:نثار کهڙو

ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ پاران پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم پاڪستان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 97 هين  سالگرهه 5 جنوري تي سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.  اهڙو اعلان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي خميس ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي پاليسي بيان ۾ ڪيو، هن چيو ته پيپلز پارٽي جون ضلعي تنظيمون پنهنجي لاڳاپيل ضلعن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 97هين سالگرهه جون تقريبون منعقد ڪن ۽ تقريبن ۾ ڪيڪ ڪاٽيا وڃن ۽ شهيد ڀٽو کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي ويندي،هن  چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت ڀٽوز جي قربانين جي ڪري آھي ۽ جمھوريت جي خلاف سازشون ناڪام ٿينديون، هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو، پوءِ شهيد بينظير ڀٽو ملڪ کي ميزائل ٽيڪنالاجي ڏني ۽ هاڻي پاڪستان جي ايٽمي طاقت ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي پرڏيهي طاقتن جي اکين ۾ ڪنڊو بڻجي چھبي رھي آهي، پر پاڪستان جي عوام ۽ افواج پاڪستان پنهنجي ملڪ جي قومي اثاثن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.