ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وزير بلديات سعيد غني چيو آهي ته پاڪستان ۾ نوجوانن جي آبادي 60 سيڪڙو آهي ۽ اهو دنيا جي انهن چند ملڪن مان آهي جتي نوجوانن جو ايترو وڏو انگ موجود آهي. اهو عام طور تي چيو ويندو آهي ته نوجوان مستقبل جا معمار هوندا آهن. جيڪڏهن اڄ جا نوجوان سياست ۾ نه ايندا، صرف ڪنهن لاءِ نعرا هڻندا ۽ گهر هليا ويندا ته مستقبل ڇا هوندو؟ نوجوانن کي سياسي جماعتن جا منشور ۽ آئين پڙهڻ گهرجن، ان کانپوءِ ئي پنهنجي پسند جي سياسي جماعت جو فيصلو ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ اسپورٽس اينڊ يوتھ افيئرز ۽ يوتھ پارليامينٽ ڊپارٽمينٽ جي تحت ٿيل تقريب ۾ ڪيو. سعيد غني چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جي آبادي هن وقت به 60 سيڪڙو آهي ۽ دنيا جي انهن چند ملڪن مان آهي جتي نوجوانن جو وڏو انگ موجود آهي. هن چيو ته اهو عام طور تي چيو ويندو آهي ته نوجوان مستقبل جا معمار هوندا آهن. سعيد غني چيو ته جڏهن مون پهريون ڀيرو اليڪشن وڙهيو ته منهنجي عمر 22 يا 23 سال هئي، جيڪا توهان جي برابر آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اڄ نوجوان سياست ۾ شامل نه ٿيندا ۽ رڳو نعرا هڻي گهر هليا ويندا ته پوءِ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو؟ بدقسمتي سان، اسان جي نئين نسل کي هڪ منصوبي تحت غيرسياسي بڻايو ويو آهي. سعيد غني چيو ته يوٿ پارليامينٽ نوجوانن کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اڄ اسان جا نوجوان ملڪ جي معاملن ۾ دلچسپي نه وٺندا ته فاصلا وڌندا. نوجوانن کي سياسي جماعتن جا منشور ۽ آئين پڙهڻ گهرجي ۽ پوءِ ڪنهن سياسي جماعت جو فيصلو ڪرڻ گهرجي. سعيد غني چيو ته مون سياست ۾ محنت ڪئي، پوزيشن حاصل ڪئي، ۽ اڄ وزارت ملي. هن 1988ع جو حوالو ڏيندي چيو ته جڏهن ضياءَ الحق جي آمريت ختم ٿي ۽ شهيد بينظير ڀٽو وزيراعظم بڻي، تڏهن اسان هڪ تقريب منعقد ڪئي، پر اسان جا استاد پيپلز پارٽي جي ڪنهن وزير جو استقبال ڪرڻ کان ڊڄندا هئا، جڏهن ته جمهوريت قائم ٿي چڪي هئي. سعيد غني چيو ته جيڪڏهن اسان 60 سيڪڙو نوجوانن کي سياست کان پري رکنداسين ۽ اهي سياست کي نه سمجهندا، ته ملڪ جي سياست ۽ حڪومت ڪيئن هلندي؟