سوزوڪي ڊرائيور کي ٽڪر هڻي مارڻ واري ڪيس ۾ ٽريفڪ اهلڪار جو رمانڊ منظور

ڪراچي (رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪار جي گاڏي جي ٽڪر ۾ سوزوڪي ڊرائيور جي مارجڻ  واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پوليس جوابدار شاهد هڱورو کي عدالت ۾ پيش ڪيو. عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ڪيس ۾ قتل باالسبب جو قلم به شامل ڪيو ويو. جاچ آفيسر چيو ته جوابدار کان وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي. ان کان اڳ جوابدار خلاف ڪلفٽن ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، حادثو پي ٽي انڊر پاس وٽ پيش آيو هو. جوابدار مومن آباد ۾ سيڪشن آفيسر طور مقرر هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.