ڪرم ۾ ٺاهه باوجود ٻن ڌار ڌار هنڌن تي ڌرڻا جاري

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخواهه جي ڪرم ضلعي ۾ بگڙجندڙ صورتحال تي گرينڊ جرگهي کانپوءِ ڌرين ۾ امن معاهدي تي اتفاق ٿي ويو آهي،پر ان باوجود ضلعي ۾ ٻن ڌار ڌار هنڌن تي ڌرڻا جاري آهن. هن وقت ڪرم  جي صدر مقام پارا چنار ۾ هڪ ڌرڻو آهي، جڏهن ته لوئر ڪرم جي علائقي بگن جي متاثرن جو ٽل پارا چنار روڊ تي ڌرڻو جاري آهي.  تحصيل چيئرمين ڪرم مزمل آغا موجب امن معاهدو ۽ ڌرڻو ٻه الڳ شيون آهن. هن چيو ته اسان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته روڊ کوليو وڃي. هن چيو ته ان معاهدي مان عوام کي فائدو نه پهچندو جيستائين روڊ محفوظ ۽ نه کوليا ويندا. بگن بازار يونين ڪميٽي جي ميمبر شاهين گل جو چوڻ آهي ته امن معاهدي ۾ به بگن بازار جو ذڪر ناهي. ٺاهه ڌار معاملو آهي، جيستائين تحفظ نه ملندو، رستا نه کلندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.