دهشت گردي کي چٿڻ کانسواءِ پاڪستان اڳتي نه وڌي سگهندو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشت گردي کي چٿڻ کانسواءِ پاڪستان اڳتي نه وڌي سگهندو، دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي هڪ صفحي تي اچڻو پوندو.وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي سياسي استحڪام ۽ امن امان سان ڳنڍيل آهي. بدقسمتي سان جڏهن افغانستان ۾ عبوري حڪومت آئي ته ڪيترن ئي دهشتگردن کي آزاد ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ دهشتگردي عروج تي پهتل آهي، امن قائم ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي هڪ پيج تي اچڻو پوندو. ايس آءِ ايف سي جي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ذاتي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهان فيصلا ڪيا ويا ته ڪاميابي حاصل ٿيندي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز روزاني بنياد تي شهادتون ڏئي رهيون آهن. هن پارا چنار امن معاهدي تي سڀني ڌرين کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پارا چنار ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو نه ٿيڻ گهرجي ها، هاڻ اهڙو واقعو قيامت تائين نه ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته معاشي استحڪام سياسي استحڪام سان جڙيل آهي، بجلي سستي ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو پيو وڃي، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، مهانگائي جي شرح گهٽي آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي. وزيراعظم چيو ته 9 مهينن ۾ حڪومت اندروني ۽ ٻاهرين بحرانن کي منهن ڏنو، گڏيل سهڪار ۽ گڏيل ڪوششن سان چيلينجز جو مقابلو ڪيو، سينٽرل ايشيا جي رياستن سان اسان جا بهتر لاڳاپا آهن، سڀ چاهين ٿا ته پاڪستان سان رابطا وڌن، سعودي عرب، يو اي اِي ۽ قطر سان ايم او يو تي صحيحون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم چيو ته وفاقي وزيرن، آرمي چيف، وڏن وزيرن سميت سمورن شرڪت ڪندڙن کي نئين سال جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.  اميد ته گذريل سال وانگر نئين سال ۾ به توهان سڀ گڏجي پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ اشارن کي بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.