فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿيندي

اسلام آباد)م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت ڪيس جي ٻڌڻي 7 جنوري تي ٿيندي، جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ ٻڌڻي ڪندي، سپريم ڪورٽ 6 کان 10 جنوري تائين جي ڪاز لسٽ جاري ڪر يڇڏي آهي، آئيني بينچ گم ٿيل ماڻهن جو ڪيس به ٻڌڻي 8 جنوري تي  ٿيندي، پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر راڄپر نظرثاني ڪيس به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. آئيني بئنچ 9 جنوري تي حمزه شهباز جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ڪندي، هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسن جي صوابديدي اختيارين کي چئلينج ڪرڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ 10 جنوري تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، شاگرد تنظيمن تي پابندي خلاف درخواست جي ٻڌڻي 10 جنوري تي ٿيندي، عام چونڊن ۾ ڌانڌلي بابت پي ٽي آءِ باني جي آئيني درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. اليڪشن ۾ ڌانڌلي خلاف شير افضل مروت جي درخواست به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ 7 جنوري تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.