ڳيريلي ۾ سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو احتجاج

ڳيريلو (رپورٽ: نعمت الله مغيري) سنڌو درياهه مٿان نوان ڪنال اڏڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ڳيريلو پريس ڪلب اڳيان  احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري ۾ جميل احمد لاڙڪ، سهيل احمد ابڙو، نادر علي بليدي، ياسين سنڌي ۽ الله رکيو سولنگي سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه مٿان ڪنال ٺاهڻ سنڌ سان وڏو ظلم آهي. سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي جي کوٽ سبب لکين ايڪڙ زمين غيرآباد آهي ۽ وڌيڪ ڪئنال ٺاهڻ سان پوري سنڌ جي زمينون بنجر ٿي وينديون. سنڌو درياهه ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهرين لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو اهم ذريعو آهي، جڏهن ته سنڌ جا آبادگار ۽ هاري پنهنجو گذر سفر فصلن تي ڪندا آهن، جيڪي سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڀاڙين ٿا. مظاهرين سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت کان اپيل ڪئي ته سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.