6 ڪئنال ٺهيا ته ڪوٽڙي بئراج تي به پاڻي نه پهچي سگهندو:صفدر عباسي

حيدرآباد(رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي ڪالھ حيدرآباد  پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالھائيندي چيو آھي ته  سنڌ جو عوام سنڌو درياهه تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏيندو ، ملڪ ۾ عام چونڊون بوگس ٿيون. ان خلاف اسان جو احتجاج جاري آھي. اسان جي سنڌ اسيمبلي جي ٽن ميمبرن اڃا تائين حلف ناھي کنيو. ھن چيو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ڳالھيون ٿيڻ  خراب ڳالھه ناھي پر ان جا مثبت نتيجا اچڻ گھرجن. ھن چيو ته ھن وقت سنڌ سميت ملڪ ۾ عوام کي ڪابه سھولت ميسر ناھي. ملڪ افراتفري ڏانھن وڌي رھيو آھي. ھن چيو ته موجوده حڪومتي نظام جيترو وقت وڌيڪ ھلندو ان جا اوترا نتيجا خراب ملندا رھندا. ان ڪري سمورين اپوزيشن جماعتون بنيادي معاملن تي گڏ ٿي ھلن ته جيئن نين چونڊن ڏانھن وڃي سگھجي. ھن چيو ته سنڌ ۾ 16 سالن کان ھڪ طرفي حڪومت ھلي رھي آھي. اسان مختلف سنڌ جي سياسي پارلياماني پارٽين کي گڏ ڪري مضبوط اپوزيشن جو اتحاد ٺاھيو آھي. ھن چيو ته سنڌو درياھ ۾ ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ پاڻي ناھي، اتي درياھ ۾ ڌوڙ اڏامي رھي آھي. پاڻي نه ھجڻ سبب ساحلي ضلعن جون زرخيز زمينون تباھ ٿي ويون آھن. سنڌ جي گڏيل سوچ آھي ته جيڪڏھن 6 ڪئنال ٺھيا ته پوءِ ڪوٽڙي بئراج تي به  پاڻي نه پھچي سگھندو. پير پاڳاري روحاني دوري دوران به ڪئنالن واري معاملي تي ڳالھايو آھي. جيڪڏھن پاڻي کوٽ ٿيندي ته  ڪراچي، حيدرآباد ۽ بلوچستان کي پاڻي ڪٿان ملندو. ان موقعي صفدر عباسي حيدرآباد پريس ڪلب جي نون چونڊيل عھديدارن صدر خالد کوکر، جنرل سيڪريٽري حميد رحمان، جئي پرڪاش،  مجاھد عزيز ، اقبال ملاح  ، جنيد خانزادو منصور مري نويد قائمخاني ۽ ٻين کي مبارڪون ڏنيون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.