حڪومت پوئتي هٽي وئي، آءِ ايم ايف پاران 60 ارب ڊالرن جو برآمدي هدف رد

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت 3 سالن ۾ ايڪسپورٽ کي 60 ارب ڊالر ساليانو ڪرڻ جي هدف کان پوئتي هٽي وئي، هاڻي 3 سالن بدران 5 سالن ۾ 60 ارب ڊالرن تائين پهچڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، جنهن  کي عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) رد ڪندي چيو آهي ته 5 سالن ۾ پاڪستاني ايڪسپورٽ 42.93 ارب ڊالرن تائين پهچڻ جو انديشو آهي، ذريعن موجب آءِ ايم ايف اندازو لڳايو آهي ته پاڪستان جي ايڪسپورٽ 5 سالن جي هدف کان 17 ارب 70 ڪروڙ ڊالرن تائين گهٽ رهندي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال پاڪستاني برآمدات 31 ارب 75 ڪروڙ 10 لک ڊالرن تائين پهچڻ جو امڪان آهي، آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب مالي سال 2025-26 ۾ پاڪستان جي برآمدات جو ڪاٿو 34 ارب 21 ڪروڙ ڊالر آهي، جڏهن ته مالي سال 2026-27 ۾ پاڪستاني برآمدات 36 ارب 98 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچڻ جو امڪان آهي، 28-2027ع لاءِ پاڪستاني برآمدات جو حجم 39 ارب 81 ڪروڙ 20 لک ۽ 29-2028ع ۾ 42 ارب 93 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچڻ جو امڪان آهي، ياد رهي ته پاڪستان جي قيام کان وٺي مالي سال 24-2023 تائين 77 سالن ۾ ملڪ جي برآمدات مشڪل سان 31 ارب ڊالرن تائين پهتي آهي ۽ هاڻي ايندڙ 5 سالن ۾ ان ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪرڻ جو منصوبو آهي، وزيراعظم شهباز شريف اڏام پاڪستان پروگرام تحت 2029ع تائين 60 ارب ڊالرن جو هدف مقرر ڪيو آهي، ان کان اڳ وزيراعظم جولاءِ 2024ع ۾ 3 سالن ۾ 60 ارب ڊالرن جي برآمدات تائين پهچڻ جو هدف مقرر ڪيو هو جنهن تان پوئتي هٽي 5 سالن جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.