جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي )بلوچستان جي علائقي ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ زمين جي تڪرار تان فائرنگ ۾ ٽي ڄڻا قتل ۽ ٻھ ڄڻا زخمي ٿي پيا، خبر موجب بلوچستان جي صحبت پور جي سٽي ٿاڻي جي حد کالاڻي واري علائقي ۾ محمد نواز کوسو ۽ عبدالمحميد کوسو جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ زميني تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ ڪري محمد نواز کوسو جي ڌر جا غلام حسين لاشاري، منظور حسين لاشاري ۽ حق نواز لاشاري موقعي تي ئي قتل ٿي ويا جڏهن ته عبدالمجيد کوسو ۽ موج دين زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پھچي ڌرين ۾ فائرنگ بند ڪرائي، مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي صحبت پور اسپتال منتقل ڪيو، جتان مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، مقتولن جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، واقعي بعد علائقي ۾ خوف حراس ڇائجي ويو، واقعي کانپوءِ ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون آھن، پوليس موجب محمد نواز کوسو ۽ عبدالحميد کوسو جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ سبب محمد نواز کوسو جي ڌر جا 3 مارجي ويا آھن، مارجي ويلن جو تعلق لاشاري برادري سان آھي جيڪي محمد نواز کوسو جا ھاري ھئا، ٻھ ڄڻا لٺيون لڳ سبب زخمي آھن، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.