2024 ع ۾ حڪومتي پارٽيون مقبوليت وڃائي ويٺيون:حافظ حمدالله

اسلام آباد(م ڊ)جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ ف) جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته 2024ع تحرير، تقرير ۽ ميڊيا تي  غير اعلانيل پابندي جو سال هو.هڪ بيان ۾ حافظ حمدالله چيو ته 2024ع حڪومتي پارٽين لاءِ قبوليت جو سال هو پر اهي مقبوليت وڃائي ويٺيون،هن چيو ته سياسي ۽ معاشي استحڪام لاءِ 2025ع ۾ شفاف چونڊون ڪرائڻ ضروري آهي، 2024ع ۾ ملڪي تاريخ جي تڪراري ۽ اونداهي اليڪشن ٿي.جي يو آءِ ف جي ترجمان وڌيڪ چيو ته 2024 سياسي معيشت ۽ سيڪيورٽي جي لحاظ کان بدترين سال هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.