جڏهن اسان پنهنجي پياري وطن جي نعمتن کي غور سان ڏسندا آهيون ته اسان کي ڪيترين ئي نعمتن جو شڪرانو ڪرڻو پوندو آهي،جنهن جو تصور ڪرڻ به مشڪل آهي ته اهڙين وڏين نعمتن جي باوجود اسان جي رياست جا اهي ادارا مثالي هئا پنهنجي اوائلي دور ۾ دنيا لاءِ مثالي بڻيل، بدقسمتيءَ سان ملڪي حڪومت جي بي ڌياني ۽ بي حسي ۽ ڪرپشن سبب تنزل جو شڪار ٿي رهيا آهن. اهي سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي باوجود پئسا وڃائي رهيا آهن، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب ڪرپشن، اقربا پروري، سياسي مداخلت آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏ ادارا به ان کي نيلام ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن پاڪستان ايئر لائن، پاڪستان ريلوي،پاڪستان پوسٽ آفيس، جن ادارن جا نالا سامهون رکيا ويا آهن، اهي سڀ ناڪاميءَ جو شڪار آهن.جنهن جو اعتراف وفاقي حڪومت ڪيو آهي ادارا سبسڊي کانسواءِ نٿا هلي سگهن،ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت 332 ارب جي سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اهي تمام وڏا ادارا آهن جيڪي عوام کان اربين رپيا بلن جي صورت ۾، ٽيڪسن جي صورت ۾ ورتا وڃن ٿا.
پاڪستان جا ادارا،جيڪي ڪنهن به قوم جي استحڪام ۽ ترقيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندا آهن،گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن.انهن ادارن ۾ عدليه،قانون سازي، انتظاميا ۽ ٻيا اهم ادارا شامل آهن.بدقسمتي سان انهن ادارن جي ڪارڪردگي عوام جي اميدن تي پورو نه لهندي آهي ۽ انهن جي ڪمزورين ملڪ جي ترقي جي رفتار کي متاثر ڪيو آهي.
تنقيدي جائزو،سياسي مداخلت اڪثر ادارا، خاص ڪري انتظاميا ۽ پوليس، سياسي دٻاءُ ۽ مداخلت جو شڪار آهن. جنهن جي نتيجي ۾ ادارن جي غير جانبداري متاثر ٿيندي آهي،۽ انهن جا فيصلا ذاتي يا سياسي مفادن جي بنياد تي ٿيندا آهن جنهن سبب نه رڳو عوام جو اعتماد ختم ٿي رهيو آهي پر ادارا پنهنجي بنيادي ذميوارين کي ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، ادارن ۾ پروفيشنل مهارتن جو فقدان آهي.
بيوروڪريسي جي دير ۽ غير ضروري پروموشن پڻ هڪ وڏو مسئلو آهي.
وسيلن جي کوٽ ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي کوٽ جو شڪار آهي، جنهن ڪري سندن ڪم ۾ رنڊڪ ،قانون جي ڪمزوري ۽ اڻ برابري جي عملداري انصاف جي نظام کي ڪمزور ڪري رهي آهي،جنهن سبب بي اعتمادي ۽ غير يقيني صورتحال وڌي رهي آهي.
سڌارن جو مشورو،سياسي مداخلت ختم ڪرڻ، قانوني سڌارا آڻي ادارن کي آزاد ۽ خودمختيار بڻايو وڃي ته جيئن اهي غيرجانبدار فيصلا ڪري سگهن.
قومي احتساب بيورو (نيب) ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ لاءِ هڪ مضبوط احتسابي نظام،هڪ شفاف ۽ سخت احتسابي نظام کي ادارن ۾ بهتر بڻائڻ گهرجي. تعليم جي معيار کي يقيني بڻايو وڃي ۽ وسيلن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي،ادارن کي جديد ٽيڪنالاجي،فنڊ ۽ ٻيا وسيلا مهيا ڪيا وڃن ته جيئن ان تي عمل درآمد کي يقيني بڻائي سگهجي ادارن کي قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪرڻ گهرجي، عوام کي ادارن جي ڪارڪردگي جي نگراني لاءِ مناسب پليٽ فارم مُهيا ڪيو وڃي ته جيئن هو ادارن سان پنهنجا خدشا اٿارين ۽ احتساب کي ممڪن بڻائين.
پاڪستان جي ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڌارا ضروري آهن. سياسي مداخلت کي ختم ڪيو وڃي، احتساب کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ادارن کي گهربل وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته اهي نه رڳو عوام جو اعتماد بحال ڪندا پر ملڪ جي ترقيءَ ۾ به مثبت ڪردار ادا ڪندا. اسان جي قومي قيادت ۽ رياستي ادارن جي ذميوارن کي وڏي قومي اهميت جي انهن مسئلن تي ڌيان ڏيڻو پوندو،ٻي صورت ۾ مستقبل ۾ دنيا جي سامهون ايندڙ چئلينجز کي منهن ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو،شايد اسانجي قيادت تي اھڙو وقت به نه ٿو اچي ته ھو پڇتاءَ جو بيان ڏين .