اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي انٽرنيٽ ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته ان سان هيڪنگ جو خطرو آهي. پارليامينٽ اي ووٽنگ تي ورهايل آهي، اڪثر پارٽيون اي ووٽنگ جي حق ۾ نه آهن، عام چونڊن ۾ انٽرنيٽ ووٽنگ جو استعمال نه ٿيڻ گهرجي. سينيٽ جي پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڊاڪٽر همايون مهمند جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن پاران سمنڊ پار پاڪستانين کي آن لائن ووٽ جو حق ڏيڻ بابت بريفنگ ڏني وئي. اليڪشن ڪميشن جي عملدارن چيو ته ڀارت ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ ويجهي مائٽ کي نامزد ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪو ڀارتي ٻاهرين ملڪ آهي ته کيس پوسٽل بيلٽ ذريعي ووٽ ڏيڻ جي اجازت آهي. اجلاس دوران سينيٽر سرمد علي سوال اٿاريو ته ٻٽي شهريت وارا پارليامينٽرين نٿا بڻجي سگهن ته ووٽ ڪيئن ڏيندا؟ جيڪڏهن پارليامينٽ جي ميمبرن کي ٻٽي شهريت جو حق نٿو ڏئي سگهجي ته بيوروڪريسي ۽ ججن کي ٻٽي شهريت جو حق ڇو آهي؟ سينيٽر پرويزرشيد چيو ته سعودي عرب سميت پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ تي قائل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جو وفد وٺي هلجي. ڪامران مرتضيٰ چيو ته سعودي عرب سياسي وفد نه وٺي وڃو، اتي سياسي سرگرمين تي پابندي آهي، ڏسجو ڪٿي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي وفد کي سعودي عرب ۾ سياسي سرگرمين تي گرفتار نه ڪيو وڃي. شبلي فراز تجويز ڏني ته سعودي عرب سميت سمورن ملڪن جي سفارتخانن کي خط لکيا وڃن جيڪو جواب اچي ان موجب حل ڪڍيو وڃي.