ڪراچي/نوري آباد(ذوالفقار راڄپر+عزيز پالاري) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪراچي ڊويزن طرفان سنڌو درياھ تي ڇھ ڪينال ۽ ٽن ڊيمن جي اڏاوت خلاف 24 ڪلاڪن کان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان جاري بک هڙتال ختم ڪئي وئي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي صدر ۽ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ ۽ جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي بک ھڙتالي ڪئمپ تي پهچي بک هڙتال ڪندڙن کي جوس پياري هڙتال ختم ڪرائي. ايس يو پي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو جي اڳواڻي ۾گذريل ڏھاڙي کان ٿيندڙ بک هڙتال ۾ وڪيلن، صحافين، اديبن، دانشورن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي صدر ۽ سنڌو درياھ بچائو تحريڪ جي اڳواڻ سيد زين شاھ چيو ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام آهي، معيشت ڪمزور آهي، سياست آزاد ناهي، چونڊون جعلي ٿين ٿيون، ملڪ جي وسيلن تي سول ملٽري بيوروڪريسي ۽ ڪرپٽ سياستدانن قبضو ڪري ورتو آهي پاڪستان ۾ حڪومت جو اتحاد فارم هجڻ گهرجي، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کي ڪٺ پتلين جي راند بڻايو ويو ۽ آگسٽ 2023 ۾ ادارن کي ايس آءِ ايف سي جي نظر هيٺ ملڪ جي پوري ملڪيت جنهن ۾ پاڻي، زمين، ساحلي پٽيون، صنعتون، بجلي، توانائي ادارن جي ماتحت ڪيو ويو، 26 هين آئيني ترميم وسيلي عدالتن کي ڪمزور ۽ محدود ڪيو ويو،هن چيو ته هي ملڪ هڪ وفاق آهي ۽ ان ۾ اسان برابر جا شريڪ آهيون، ان ۾ اسان خودمختيار آهيون پر صوبن کي ڪمزور ۽ بي اختيار ڪري حڪومت ڪئي پئي وڃي، اسان پنجاب جي زرخيز زمينن مان سنڌ جي تباهي جي بوءِ محسوس ڪريون ٿا، ملڪ ايئن ناهن هلايا ويندا، وفاقي حڪومت ۽ شريف ڀائر ٻڌو سنڌ جي عوام سودو نه ڪيو آهي، سنڌ ۽ پنجاب جون حڪومتون سنڌو درياھ تي ڪينال ٺاهڻ واري منصوبي ۾ ملوث آهن، ڪينالن جي ٺهڻ بعد سنڌ بنجر بڻجي ويندي، سنڌو درياھ ۾ اضافي پاڻي ناهي، سنڌو درياھ تي 80 لک ايڪڙ زمينون آباد ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، بيداري مھم سڄي پاڪستان ۾ هلائي ويندي پنجاب وڃي ٻڌائينداسين ته سنڌ سان ناانصافي ٿئي پئي،هن چيو ته اسان جي احتجاجي تحريڪ جاري رهندي سنڌ جي 9 مخالف پارٽين سان گڏجي تحريڪ کي منظم ڪنداسين، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي خطاب ۾ چيو ته ضرورت پئي تھ ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هنيو ويندو، سنڌو درياھ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. پير پاڳاري چيو تھ جيڪڏهن سنڌ کي پاڻي نه مليو ته بلوچستان کي نه ملندو. روشن علي ٻرڙو چيو ته سيد زين شاھ جي اڳواڻيءَ ۾ اسان گذريل 4 مهينن کان مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهيون، صدارتي محل ۾ سنڌ جي معاشي قتل جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌ جا وزير ان خوف ۾ آهن ته جيڪڏهن اسان ڪينالن جي خلاف ڳالهائينداسين ته اها عياشيون کسي وٺندا ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته سنڌ جي مرضي کانسواءِ ڪئنال نه ٿا ٺهي سگهن، سنڌو درياھ تي ڪينالن جي تعمير خلاف جدوجهد ۾ شامل آهيون، بک هڙتال ڪيمپ تي جڳديش آهوجا، منير نائچ، امير آزاد پنهور، خواجه نويد، ياسمين ٿيٻو، عاقب راڄپر ايڊووڪيٽ، ڪراچي بار خزانچي حسيب پنهور، اصغر قريشي، خادم ٻرڙو، فتح خاصخيلي، علي نواز گبول، ستار ڏاهري، روي راجيوير، پريا ملاح، شاهجهان جوڻيجو، سجاد سومرو، غلام مصطفيٰ چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪيو،هوڏانهن سيد زين شاھ، نوري آباد ۾ ايس يوپي تعلقه ٿاڻو بولاخان جي اڳواڻ آزاد شير علي پالاري جي رهائشگاھ تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياھ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪريون ٿا، سنڌ جي پاڻي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي روشن علي ٻرڙو ،عثمان پالاري، ڪامريڊ يارمحمد پالاري، خالد ڀٽي ۽ ٻيا موجود هئا