گلگت (م ڊ) گلگت جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڳوڻي وڏي وزير گلگت بلتستان خالد خورشيد کي 34 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ اڳوڻي وڏي وزير خلاف نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪين واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس 34 سال قيد جي سزا ٻڌائي، عدالت مٿس 6 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو. عدالت آءِ جي پوليس کي حڪم ڏنو ته جوابدار کي گرفتار ڪري جيل منتقل ڪيو وڃي، سندس سڃاڻپ ڪارڊ به بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. اڳوڻي وڏي وزير تي 26 نومبر 2024 تي جلسي ۾ سيڪيورٽي ادارن کي نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪين جو الزام هو. سندس خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل هو.