عوام نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ کان پاسو ڪري: آصفه ڀٽو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان جي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري نئين سال جي موقعي تي عوام کي هوائي فائرنگ کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته مهم جو مقصد هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ انساني جانين کي درپيش خطرن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري جي مهم کي عوام ۽ سوشل ميڊيا صارفين طرفان ساراهيو ويو،سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري جي پيغام جي تحت عوام کي اپيل ڪئي ته هو هوائي فائرنگ کان پاسو ڪن.شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته نئون سال خوشين جو موقعو آهي، هوائي فائرنگ معصوم زندگين کي خطري ۾ وجهي ٿو. هن چيو ته نئون سال خوشيءَ سان ملهائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، سندس چوڻ هو ته حڪومت اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻي رهي آهي. عوام محفوظ ماحول پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.