سجاول(ڊ ر) سجاول ۾ پولينڊ جي سياح جوڙي کان ڦر وارو معاملو، واقعي ۾ ملوث جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، ڦرلٽ بابت سياح جوڙي وڊيو بيان جاري ڪيو آهي. پرڏيهي سائيڪل سوار سياحن کان موبائيل فون ڦرڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي زمين کائي وئي يا آسمان ڳھي ويو، ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. ان حوالي سان پولينڊ جي سياح جوڙي هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هنن چيو ته جڏهن هو سائيڪل تي سجاول وٽان گذري رهيا هئا ته اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوارن کين روڪيو، پوءِ بندوق جي زور تي سندن موبائل فون ڦري ڀڄي ويا. جنھن کان پوءِ مقامي ماڻهو اسان کي سجاول ٿاڻي تي وٺي ويا، جتي ايس ايس پي سجاول عبدالخالق پيرزادي اسان کان ڦر جا تفصيل ورتا ۽ قانوني مدد فراھم ڪرڻ سميت ٻه موبائيل فون پڻ ڏنا. ان حوالي سان ايس ايڇ او سجاول آفتاب جاگيراڻي جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي ويجھو پهچي ويا آهيون، جلد ئي سياحن کان ڦر ۾ ملوث جوابدار جيل جي سلاخن پٺيان ھوندا.