حڪومت پي ٽي آءِ وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهيون

تحرير: مجاهد چنا

                         نيٺ خدا خدا ڪري حڪومت ۽ پي ٽي آءِ قيادت جي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، ٻنهي ڌُرين ان سلسلي ۾ ڪميٽيون پڻ جوڙي ورتيون آهن. جيتوڻيڪ عمران خان سيمت پي ٽي آءِ جي اعلى قيادت موجوده حڪومت بدران ” اصل طاقتور ڌُرين“ سان ڳالهائڻ جو شرط رکي چڪا آهن. انهن جي بقول هي حڪومت چونڊيل نه بلڪه فارم 47 جي پيداوار ۽ ٿاڦيل حڪومت آهي انڪري ان سان ڳالهيون ڪونه ٿينديون، پي ٽي آءِ سربراهه جيل ۾ بند آهي ۽ مٿس 09 مئي سميت 184 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. سندس چوڻ آهي ته ”ڀلي سڄي عمر جيل ۾ رکيو وڃي نه معافي، نه ٻاهر فرار نه ئي وري جعلي حڪومت کي تسليم ڪندس.“ پي ٽي آءِ پنهنجي قائد کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاج جو پڻ سڏ ڏئي چڪي آهي، آخري احتجاج ڊي چوڪ تي ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور ۽ خان جي وني ” بشرى بيبي“ جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ گوليون هليون ۽ احتجاج ڇڙ وڇڙ ٿي ويو. پي ٽي آءِ الزام لڳايو آهي ته شهباز شريف جي حڪومت اسان جي ڪارڪنن مٿان سڌيون گوليون هلايون جنهن ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ ڪارڪن شهيد ۽ سوين ڪارڪن لاپتا آهن، پر حڪومت اهڙن الزامن کي رد ڪري ٿي.

حقيقت اھا آھي ته طاقت جو استعمال ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي، جڏهن دشمن ملڪ ڀارت سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ اسان جا حڪمران بي تاب آهن ته پوءِ پنهنجي شهرين ۽ هڪ سياسي جماعت سان ڳالهيون ڪرڻ ۾ ڪهڙي خرابي آهي. اصل مسئلو ٻنهي پاسي نيتن جو آهي. اسان ڏٺو آهي ته ماضي ۾ به هر حڪومت پنهنجي مخالف کي زير ڪرڻ لاءِ ٻڪري چوري، پاڻي بند ڪرڻ ۽ قتل جا ڪوڙا ڪيس لڳائي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪئي، جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. ملڪي دولت جي ڦرمار، قتل ۽ ٻيا ڪيترائي ڪيس شريف خاندان سميت ٻي قيادت تي پڻ آهن، پر ڪوڙڪي ۾ صرف عمران خان ڇو آهي؟ احتساب ته پوءِ سڀني جو ٿيڻ گهرجي. جهڙي طرح عام چونڊون ڪرايون ويون ۽ نتيجا ڪهڙي طرح سان تبديل ڪيا ويا ان کان سموري قوم چڱي طرح سان واقف آهي، پر تنهن هوندي وقت جي ضرورت آھي ته ملڪ ۽ قوم جي ڀلي لاءِ هاڻي اڳتي وڌڻ گهرجي ڇو ته ملڪ آهي ته اسان آهيون.

موجوده سياسي ڇڪتاڻ ۾ رياست انيڪ بحرانن جو شڪار ٿي پئي آھي جنھن تي ھر شھري پريشان آھي. ملڪي معيشت تباهه، سياسي بي يقيني، جي ڪري ڪاروباري طبقو سخت پريشان آهي ته ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي جيڪا مهم هلائي پئي وڃي ان سان سموري دنيا ۾ ملڪ جي بدنامي الڳ ٿي رهي آهي. ايستائين جو عدالت سڳوري کي به اهي ريمارڪس ڏيڻا پيا ته ” رياست حڪومت ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ ۾ مصروف آهي، ادارا سياسي مخالفن پويان پيل آهن.“ اهڙي طرح سان امن امان جي صورتحال پارا چنار کان ڪشمور تائين خراب ٻئي طرف بارڊر ڪراس ڪاررواين سبب روزانو نوجوان شهيد ٿي رهيا آهن. عدالت جو طاقتون کي اهو اشارو هو ته اهي حڪومتون ٺاهڻ ڊاهڻ بدران پنهنجي اصل ڪم تي ڌيان ڏين.

هن وقت قومي سياسي قيادت کي اڳتي وڌي سياسي بحران ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته پُرامن سياسي مزاحمت ئي جمهوريت جي طاقت آهي. رياست مخالف سرگرمين جي سموري قوم مخالفت ۽ مذمت ڪري ٿي، پر رياست ته ماءُ وانگر هوندي آهي. ٻنهي ڌرين حڪومت توڙي پي ٽي آءِ قيادت کي پنهنجي ضد انا ۽ هٺ ڌرمي کي ڇڏي ڪري قومي مفادن خاطر ھڪ ٿي ڳالهين ذريعي موجوده بحران جو حل ڪڍڻ گهرجي. ٻنهي ڌُرين کي وقت گذارڻ بدران سنجيده ڳالهيون ۽ مقرر ڪميٽين کي بااختيار بڻايو وڃي. ملڪي سلامتي، ترقي، معيشت جي بحالي ۽ سياسي عدم استحڪام جو خاتمو ملڪ ۽ قوم جي حق ۾ بهتر ۽ جمهوريت لاءِ پڻ سٺو سنوڻ آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.