اڳوڻو پاڪستاني ڪرڪيٽر لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر ارشد پرويز لاڏاڻو ڪري ويو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اڳوڻي قومي ڪرڪيٽر ارشد پرويز جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان ۾مرحوم ڪرڪيٽر ارشد پرويز جي ڪٽنب ۽ دوستن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي.
ارشد پرويز 1978 ۾ انگلينڊ خلاف ٻن ون ڊي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ 14 هزار 986 رنسون ٺاهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.