ميلبورن ۾ کيڏيل چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا ڀارت کي 184 رنسن تان هارائي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي پوائنٽس ٽيبل کي وڌيڪ دلچسپ بڻائي ڇڏيو آهي.
ڀارت خلاف باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ ڪاميابي بعد آسٽريليا جا ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ جا امڪان وڌيڪ روشن ٿي ويا.
ڊبليو ٽي سي پوائنٽس ٽيبل موجب، آسٽريليا ۽ ڀارت وچ بارڊر گواسڪر ٽرافي جي چوٿين ميچ جي نتيجي کانپوءِ ڪنگروز پوائنٽس ٽيبل تي ٻي پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
ڀارت جون پوائنٽون 55 ڏهائي 88 مان گهٽجي 52 ڏهائي 78 ٿي ويون، جڏهن ته آسٽريليا جي پوائنٽس ايوريج 58 ڏهائي 89 مان وڌي 61 ڏهائي 46 ٿي وئي آهي.
ڀارت وٽ ميلبورن کانپوءِ رڳو هڪ ميچ جڏهن ته آسٽريليا وٽ اڃا ٽي ميچون باقي آهن.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي سنچورين ٽيسٽ ۾ هارائي آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چميپيئن شپ ( ڊبليو ٽي سي ) جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
Prev Post
You might also like