اسٽيبلشمينٽ يا ڪنهن ملڪ جي چوڻ تي ڊيل نه ڪندس: عمران خان

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ يا ڪنهن ملڪ جي چوڻ تي ڊيل نه ڪندس.
پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليما خان راولپنڊي جي اڊيالا جيل ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته عمران خان چيو آهي ته عدليا جو کي مذاق بڻايو ويو آهي، جڏهن مان هر ڪيس وڙهي رهيو آهيان ته مون کي ڊيل ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اسٽيبلشمنٽ يا ڪنهن ملڪ جي چوڻ تي ڊيل نه ڪندس.
عليما خان موجب عمران خان چيو ته 9 مئي انهن ماڻهن ڪيو، جن سي سي ٽي وي فوٽيج چوري ڪيا، 9 مئي جي سازش اڳ ۾ ئي ٺاهي وئي هئي، جن ماڻهن 9 مئي کانپوءِ پارٽي ڇڏي، انهن جا ڪيس معاف ڪيا ويا، 26 نومبر کان هزارين ماڻهو گم آهن، لال مسجد جيان لاش دفن ڪيا ويا آهن، توهان ملڪ جي سرحدن جي ڳڻتي ڪيو، ٻه مطالبا آهن، 9 مئي ۽ 26 نومبر تي جڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ۽ بي ڏوهه قيدين کي آزاد ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.