آسٽريليا ميلبورن ۾ کيڏيل سيريز جي چوٿين ٽيسٽ ميچ جي پنجين ڏينهن ڀارت کي 184 رنسن سان شڪست ڏئي بارڊر-گواسڪر ٽرافي ۾ هڪ جي مقابلي ۾ ٻن ميچن جي ناقابل شڪست سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
آسٽريليا هٿان شڪست بعد ڀارتي ڪپتان روهت شرما تي خراب فارم سبب سخت تنقيد ٿي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي روهت ۽ تجربيڪار بيٽر ويرات ڪوهلي کي رٽائر ٿيڻ جو مشورو ڏنو پيو وڃي.
سوشل ميڊيا تي ڀارتي واهپيدارن طرفان شڪست تي مايوسي جو اظهار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته” روهت شرما، ڪوهلي، رٽائر“ ۽”هيپي رٽائرمينٽ“ جهڙا هيش ٽيگ ٽرينڊ ڪري رهيا آهن.
امت سنگهه نالي هڪ واهپيدار روهت ۽ ڪوهلي جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو”پنهنجي ليگيسي کي برباد ڪرڻ جا هي ٻئي پاڻ ئي ذميوار آهن. جيڪڏهن هو اڃا به رٽائر نه ٿا ٿين، ته سليڪٽرن کي بنا ڪنهن دير جي انهن کي ٻاهر جو در ڏيکارڻ گهرجي! ٻنهي کي ڀارتي ٽيم ۾ ڏسڻ سڀني شوقينن لاءِ ذلت ۽ شرم جو سبب آهي.“
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر مناف پٽيل ٽوئيٽ ڪئي” جڏهن توهان جو ٽاپ بيٽر سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته توهان ٽيل اينڊرز ۽ مڊل آرڊر کان ميچ کٽڻ ۽ بچائڻ جي اميد نه ٿا ڪري سگهو، آسٽريلوي ٽيم کٽڻ جي حقدار هئي، ڀارت کي واقعي پنهنجي غلطين کي ڏسڻ ۽ انهن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي.“
انگلينڊ جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ امپائر رچرڊ ڪيٽلبرو روهت شرما ۽ گوتم گمڀير جي دور جو احوال پيش ڪيو آهي، ٻنهي جي دور ۾ ڀارتي ٽيم سريلنڪا کان سيريز هارائي، گهر ۾ نيوزيلينڊ کان ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست کاڌي، چناسوامي ۾ ٽيسٽ هارائي، گهرو سيريز ۾ سڀ کان گهٽ اسڪور 46 رنسن تي آل آئوٽ ٿي، 12 ورهين کان لاڳيتو گهر ۾ ٽيسٽ سيريز کٽڻ جو سلسلو ٽٽو ، پنڪ بال ٽيسٽ ۾ ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو نيٺ ٻارهن سالن بعد آسٽريليا هٿان باڪسنگ ڊي ٽيسٽ ۾ به مات ملي.
ان کانسواءِ جئسوال کي آئوٽ قرار ڏيڻ تي به ڪيترائي ماڻهو تنقيد ڪري رهيا آهن. هاجرڪاگلوا نالي هڪ واهپيدار سوال اُٿاريندي لکيو” اهڙي طريقي سان آئوٽ ڏيڻو آهي ته پوءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڇو پيا ڪن؟ واضح طور تي سنيڪو تي ڪو اسپائڪ نه هو. اهوئي پراڻو آسٽريلوي انداز، هميشه دوکيبازي!“
بهرحال، آسٽريليا سيريز ۾ ٻه ھڪ جي برتري حاصل ڪري ورتي آھي، جڏھن ته آخري ٽيسٽ سڊني ۾ کيڏيو ويندو.
سنيِل دي ڪرڪيٽر نالي ھڪ صارف لکيو” اسان ڊبليو ٽي سي فائنل ۾ وڃڻ جي لائق ناهيون، اسان وٽ ھڪ ڪپتان آھي جيڪو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ بيٽنگ نه ٿو ڪري سگھي. اسان وٽ دنيا جو بھترين بيٽر آھي جيڪو بيٽنگ نه ٿو ڪري سگھي، اسان وٽ ھڪ وڪيٽ ڪيپر آھي جيڪو ڀارت کي دفاع جي ضرورت پوندي ته جارحيت ڏيکاري ٿو.“
واضح رهي ته جيڪڏهن آسٽريليا ميچ کٽڻ يا برابر رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، ته بارڊر-گواسڪر ٽرافي واپس حاصل ڪري وٺندو، جيڪا گھڻي عرصي کان ڀارت وٽ ھئي. ان سان گڏوگڏ، ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل لاءِ پڻ ڪواليفاءِ ڪري وٺندو.
ڪالهه پاڪستان خلاف سنچورين ۾ ڪاميابي سان ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آھي، جڏھن ته ٻئي پوزيشن لاءِ آسٽريليا، ڀارت، ۽ سريلنڪا جي ٽيمن ۾ مقابلو آهي.
You might also like