ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ گلوڪار شان جي رهائشي عمارت ۾ باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سڙي زخمي ٿي پئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ممبئي جي پوش علائقي باندرا ۾ گلوڪار شان جي رهائشي عمارت فارچيون انڪليو جي ستين ماڙ کي باهه وڪوڙي وئي، جڏهن ته گلوڪار جو گهر عمارت جي 11 هين منزل تي آهي.
رپورٽس موجب، عمارت ۾ باهه ڪيئن لڳي ان جي تصديق نه ٿي سگهي آهي پر شروعاتي طور باهه لڳڻ جو ڪارڻ شارٽ سرڪٽ ٻڌايو پيو وڃي.
مقامي انتظاميا موجب، باهه لڳڻ بعد فوري طور فائر برگيڊ عملو واقعي واري هنڌ پهتو ، ان دوران اسي ورهين جي عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ريسڪيو ڪندي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
حادثي کانپوءِ گلوڪار شان جو بيان سامهون آيو جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته باهه لڳڻ سبب هو ۽ سندس گهرڀاتي محفوظ رهيا.
هن وڌيڪ چيو ته باهه ستين ماڙ تي لڳي، جنهن بعد هنن 15 هين منزل تي وڃي پاڻ کي محفوظ ڪيو ۽ پوءِ مدد لاءِ واجهائيندا رهيا.
Prev Post
You might also like