ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي ٿي آهي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 8 ڊالر گهٽتائي آئي آهي، جنهن سان ان جي نئين قيمت 2614 ڊالر جي سطح تي اچي وئي.
ٻئي طرف مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ پڻ اڱاري ڏينهن في تولي سون جي قيمت 800 رپيا گهٽتائي سان 272600 رپيا ٿي وئي ۽ 10 گرام سون جي قيمت 685 رپيا گهٽتائي سان 233711 رپيا جي سطح تي اچي وئي آهي.
You might also like