گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن ڪم نه رڳو دوکو ڏئي رهي آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گم ٿيل شهري جي آزادي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن ڪم نٿو ڪري ۽ نه ڪرڻ ٿي ڏئي پر اها رڳو دوکو ڏئي رهي آهي.
آزاد ڪشمير جي گم ٿيل شهري مدثر خان جي آزادي بابت ڪيس ۾ عدالت ڊي جي ايم آءِ کي بند لفافي ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ڪيس جي سماعت ڪئي، درخواست گذار ناظمه فتحياب طرفان وڪيل ايمان زينب مزاري عدالت ۾ پيش ٿي، جڏهن ته اسسٽنٽ اٽارني جنرل ۽ بچاءَ واري وزارت جو نمائندو پڻ عدالت ۾ پيش ٿيو.
جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ۾ چيو ته جيڪا ڪميشن ڪم ئي نه ڪري، ان جو ڪهڙو فائدو، اها ڪميشن بند ڪئي وڃي، جيڪڏهن اها ڪم ڪري ها ته درخواستگذار هاءِ ڪورٽ ڇو اچي ها؟
اسسٽنٽ اٽارني جنرل چيو ته درخواست گذار جو مڙس مظفرآباد مان گم ٿيو آهي ۽ اتي ايف آءِ آر داخل آهي. عدالت پڇيو ته ڇا اتان جي آرمي، آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ الڳ آهن يا هڪ ئي آهن؟
ايمان مزاري ايڊووڪيٽ چيو ته آگسٽ کان هي ڪيس گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، 18 نومبر تي درخواستگذار کي هڪ نمبر تان فون آئي، جنهن ۾ چيو ويو ته هو ايجنسي جي حراست ۾ آهي، احمد فرهاد ڪيس ۾ فون ڪال تي چيو ويو ته هاءِ ڪورٽ مان درخواست واپس وٺو، ڪجهه ڏينهن ۾ مڙس گهر اچي ويندو.
جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن فون آئي آهي ته ان جو مطلب آهي ته هو جيئرو ۽ صحيح سلامت آهي، آئون چاهيان ٿو ته افيسر اچن ۽ ان ڪيمرا بريفنگ ڏين، پوءِ ڏسون ٿا.
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 27 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.