ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سخت سيءَ سبب ڪوئيٽا جي روڊن تي بيٺل پاڻي ڄمي ويو، جڏهن ته زيارت ۾ پارو ڪاٽو 10 ڊگري تائين ڪري پيو.
موسميات کاتي موجب گوادر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 10 ۽ جيواني ۾ 12 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو، ان کانسواءِ نوڪنڊي ۾ 2، چمن ۾ ڪاٽو 1، سبي ۾ 3، تربت ۾ 8، زيارت ۾ گهٽ ۾ پارو ڪاٽو 10 ۽ زوب ۾ ڪاٽو 4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
صوبائي تخت گاهه ڪوئيٽا ۾ گهٽ ۾ گهٽ پارو ڪاٽو 5 ۽ قلات ۾ ڪاٽو 4 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
You might also like