ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻار جي موت جي ڪيس ۾ عدالت ڪي اليڪٽرڪ کي 1.93 ڪروڙ رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سينيئر سول جج ايسٽ جي عدالت ٻارڙو اذان ڪرنٽ لڳڻ سان فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ ڪي اليڪٽرڪ خلاف تاريخي فيصلو ٻڌايو.
عدالت 6 سالن بعد ڪيس جو فيصلو ڪندي ڪي اليڪٽرڪ کي حڪم ڏنو ته متاثر خاندان کي ڏنڊ ادا ڪيو وڃي.
جج عنبرين جمال طرفان ڪيل فيصلي ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي حڪم ڏنو ويو ته وارثن کي هڪ ڪروڙ 93 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪيو وڃي.
ڪيس جي وڪيل ايڊووڪيٽ عثمان فاروق موجب 2017 ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ برساتن دوران ٻاررو اذان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو هو، واقعي ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي غفلت واضح هئي، ڇو ته گارڊ وائر لڳائڻ ۾ ناڪامي سبب اهو افسوسناڪ واقعو پيش آيو.
You might also like