ممبئي (ويب ڊيسڪ) آرٽ فلمن جو باڪمال هدايتڪار شيام بينگيل 90 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، شيام بينيگل جي ڌيءَ سومر جي شام هندوستان ٽائمز سان ڳالهائيندي پيءُ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي.
هن ٻڌايو ته شيام بينيگل ڪيئي ورهين کان مختلف بيمارين سان جهيڙي رهيو ۽ 23 هين ڊسمبر تي سندس ساهه جو سڳو ٽٽي پيو.
زبيده ۽ منٿن جهڙيون فلمون ٺاهيندڙ شيام بينيگل کي ڀارتي سئنما ۾ آرٽ فلمن جي نئين لهر جو خالق قرار ڏنو وڃي ٿو.
شيام بينيگل پنهنجي تخليقي صلاحيتن ۽ سماجي موضوعن تي مبني فلمن سان هندي سئنما کي نئون رخ ڏنو.
سندس ٺاهيل فلمن رڳو ڀارت ۾ ئي نه، پر عالمي سطح تي پڻ سئنما جي شوقينن کي متاثر ڪيو. سندس تخليقي ڪم هميشه ڏسڻ وارن کي حقيقتن سان آگاهه ڪيو ۽ سوچڻ تي مجبور ڪيو.
شيام بينيگل ڪجهه ڏينهن ممبئي ۾ پنهنجي 90 هين سالگرهه جو جشن ڪٽنب ۽ فلم انڊسٽريءَ جي ويجهي دوستن سان گڏ ملهايو هو.
سينيئر هدايتڪار جي لاڏاڻي جي خبر سامهون اچڻ بعد ڀارتي فلم انڊسٽري سان واڳيل ماڻهن ۽ اداڪارن طرفان افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي.
You might also like