190 ملين پائونڊ بريت جو ڪيس آهي، فيصلو ملتوي ڇو ڪيو؟ شيخ وقاص اڪرم

پشاور (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب فوجي عدلت جي فيصلي جي مذمت ڪندي ان خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪيو. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون تي فيصل آباد ۽ حسن ابدال ۾ 5 موٽرسائڪلون چوري ڪرڻ جا ڪيس آهن، اپوزيشن ليڊر کي موٽرسائيڪل چور بڻايو ويو، سوچي رهيو آهيان، دڪان کولي وٺان. هن چيو ته عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي، جيستائين آئين جي  حڪمراني نه هوندي ملڪ ۾ استحڪام نه ايندو، ٻاهر ويٺل ماڻهو هتي سيڙپڪاري ناهن ڪري رهيا ڇو ته هتي استحڪام ناهي. پي ٽي آءِ جي اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم چيو ته سويلين جو ملٽري ٽرائل نه ٿيڻ گهرجي، 190 ملين پائونڊ ڪيس سياسي انتقام جو بدترين مثال آهي. جنهن ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي سزا ڏيڻ جو منصوبو آهي. هن چيو ته ملٽري ٽرائل بابت سڀ قانوني آپشن استعمال ڪيا ويندا، حڪومت جي معيشت کي تباهه ڪرڻ جي سازش کي به ناڪام بڻائينداسين. القادر ٽرسٽ ڪيس جو فيصلو اچڻو هو، پڇڻ چاهيون ٿا ته ڇو ملتوي ڪيو ويو، سمجهه ۾ ناهي اچي رهيو ته اهي فيصلا ڪٿي لکيا پيا وڃن، هي بريت جو ڪيس آهي ۽ ان ۾ ڪجهه ناهي.

  1. ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض علي چشتي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي ( رپورٽر)  ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض علي چشتي 97 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس پٽ جو چوڻ آهي ته سندس والد بيمار هو ۽ ڪافي عرصي کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.اڳوڻو وفاقي وزير ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض علي چشتي دل ۽ ڦڦڙن جي بيماري ۾ مبتلا هو.گذريل ڏينهن پاڪستان ايڪس سروس مين سوسائٽي جي صدر  ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ عبدالقيوم به اسپتال ۾ جنرل فيض علي چشتي جي عيادت ڪئي. ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض علي چشتي وفاقي وزير، ڪور ڪمانڊر ۽ پاڪستان ايڪس سروس مين سوسائٽي جو صدر پڻ رهي چڪو .  هو پاڪستان ايڪس سروس مين سوسائٽيءَ جو موجوده سرپرست اعليٰ هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.