ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي قيوم آباد ۾ 7 ورهين جي نينگري سان 2 ماڻهن مبينا زيادتي ڪئي.رپورٽ موجب قيوم آباد ۾ 7 ورهين جي ٻارڙي سان مبينا زيادتي جو واقعو پيش آيو، جنهن تي پوليس وارثن جي بيان جي روشني ۾ 2 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس نينگري کي طبي معائني لاءِ اسپتال منتقل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب گرفتار جوابدار نينگري جا پاڙيسري آهن.