حڪومت جي سخت موقف ۽ اتحادي جماعتن جي اندروني اختلافن جي ڪري پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ ٿيندڙ ڳالھين جي واضح طور ناڪام ٿيڻ جا امڪان آھن.عالمي دٻاءَ کي بھ حڪومت رد ڪري ڇڏيندي، نتيجي ۾ پاڪستان تي دٻاءَ تھ وڌندو رھندو،جنھن سان دٻاءِ ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگھي ٿو.
ڪنھن بھ ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ اھڙي ڪيفيت کي وڪي پيڊيا ھئين بيان ڪيو آھي ” ملڪن جي تباھي ۽ بحران جو سبب اھو آھي تھ جڏھن ھڪ رياست جا ادارا ھر شھري جي حقن ۽ مفادن جو خيال نھ رکندا آھن، رڳو استحصال ڪندڙ اشرافيھ کي تحفظ فراھم ڪندا آھن تھ معاشي ترقي جي ھدفن کي حاصل ڪرڻ ممڪن نھ ھوندو آھي“ پاڪستان پڻ انھيءَ بحران ڏانھن وڃي رھيو آھي،عوام طاقت ور ھجي تھ ھر جنگ ۽ تباھي جو مقابلو ڪري ٻيھر ملڪ جي تعمير ڪري سگھي ٿو.جپان جو مثال سامھون آھي،ائٽمي حملن ۾ تباھ ٿيڻ باوجود جپان پنھنجي شھرين جي حقن جو تحفظ جو خيال رکيو،پنھنجي ادارن جي شفافيت ۽ عوام جي مدد سان دنيا جي معاشي طاقت بڻجي ويو،پر جيڪڏھن ڪنھن ملڪ جا ادارا تباھ ٿي وڃن تھ دنيا جون سموريون فوجون گڏجي ڪري بھ ان کي بچائي نھ ٿيون سگھن.اسان ڌانڌلي سان چونڊ نظام تباھ ڪري ڇڏيو،عدليھ کي انتظاميھ جي اثر ھيٺ ڪري ڇڏيو.انتظاميھ مان احتساب ختم ڪري ڇڏيو،اھو ئي سبب آھي جو سڄي دنيا مان انھن ڪم تي تنقيد ٿي رھي آھي.
پر حڪمران مسلسل منفي حڪمراني واري طريقي سان اقتدار سان چنبڙڻ چاھين ٿا ۽ بي يقيني کي ڊيگهه ڏئي رھيا آھن.ايتري تائين جو معاملو آمريڪي پيغامن تائين وڃي پھتو آھي،حڪمرانن جو ان سلسلي ۾ اھڙو رويو خودڪشي نھ آھي تھ ٻيو ڇا آھي ؟ ھاڻي نئون مسئلو فوجي عدالتن ذريعي سامھون آيو آھي،مھذب دنيا فوجي عدالتن ذريعي عام شھرين خلاف ڪارروائي کي اڻ وڻندڙ قرار ڏئي سگھي ٿي.جيڪڏھن اولهه جي دنيا ۽ جمھوري حڪومتون فوجي عدالتن جي ذريعي ڏنل سزائن تي تنقيدي ردعمل ظاھر ڪندا تھ انھن جو دفاع ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو.فيصلائتي قوت رکندڙ عقل مندي وارا قدم کڻن ھا تھ معاملو ايستائين نھ پھچي ھا ۽ آمريڪي پيغامن جو سلسلو شروع نھ ٿئي ھا،حڪومت سڄو دفاع جو بار دفاعي ادارن تي وجھي پوئتي ھٽي بيھي رھي آھي.
آمريڪا کان آيل پيغامن خاص ڪري آمريڪا جي اڳوڻي ڊائريڪتر نيشنل انٽيليجنس ۽ آمريڪي چونڊيل صدر ڊونلد ٽرمپ جي خصوصي نمائندي رچرڊ گرينيل جي عمران خان کي آزاد ڪرڻ جي بابت مسلسل ڏنل نوٽس کي نظرانداز ڪرڻ جي سبب پاڪستان جي موجودھ حڪومت کي پنھنجو وجود برقرار رکڻ ڏکيو نظر اچي رھيو آھي.ڪنھن بھ ملڪ ۾ مينڊيٽ کان محروم حڪمران اقتدار برقرار رکڻ جي لاءِ اھرا منفي قدم کڻن ٿا.جيڪي ملڪ کي ڪمزور ڪن ٿا، جنھن ڪري حالتون اھڙيون ٿي وڃن ٿيون جو اوچتو ڪو واقعو ان حڪومت جي انت جو سبب بڻجي ويندو آھي.ھن وقت پاڪستان ۾ پڻ حالتون انھيءَ پاسي ڏانھن وڃي رھيون آھن.پھرين مرحلي ۾ رچرڊ گرينيل جي نوٽس کي چرچو سمجھي اڏايو ويو،بعد ۾ ان تي تنقيد ڪئي وئي،ھاڻي وري اھڙي خاموشي طاري آھي چڻ ڪو نانگ سونگھي ويو ھجي.حڪمران جماعت جا عھديدار ان حقيقيت کي سمجھي نھ سگھيا تھ ھن وقت سڄي دنيا جي حڪومتن جا فوجي ۽ سول اعليٰ عھديدرا،سرمائيدارن ۽ وڏي ڪارپوريشنز جا اھم اڳواڻ رچرڊ گرينيل جي انھن نوٽس جو باريڪ بيني سان جائزو وٺي رھيا آھن.اھو ھڪ طفري عمل آھي.اھي معلوم ڪرڻ چاھين ٿا تھ آمريڪا جي نئين حڪومت جي ڪھڙي پاليسي ھوندي.
اھڙي طرح سان تحريڪ انصاف جي باني جو موقف سڄي دنيا جي طاقتور حلقن تائين پھچي ويو. ان جي شروعات 26 نومبر تي اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج کي طاقت جي زور سان چٿڻ واري عمل جي نتيجي وقت ٿي،جڏھن سڄي دنيا جي ميڊيا پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن جي پاران طاقت جي استعمال تي تنقيد ڪئي ھئي. حڪمرانن جي چوڌاري اھڙا مشير گڏ ٿي ويندا آھن جيڪي وڏي عھدي تي فائز اڳواڻ جي واکاڻ ڪرڻ کي ئي پھنھنجو مفاد سمجھن ٿا ۽ ان کي حقيقتن کان بي خبر رکندا آھن. سڄي دنيا ۾ ناقص حڪمراني جو اھو سلسلو سموري دنيا ۾ ناڪام حڪومتن ۾ موجود ھوندو آھي.عام طور تي سڄي دنيا ۾ حڪمرانن جي چوڌاري چاپلوس ۽ ابن الوقت ماڻھون گڏ ٿي ويندا آھن ۽ ھر وقت انھن جي واکاڻ پيا ڪندا آھن ۽ تلخ حقيقتن کي سامھون آڻيندڙن کي حڪمرانن جي ويجھو اچڻ نھ ڏيندا آھن. حڪمرانن کي سڀ سٺو آھي جي رپورٽ ڏيندا آھن.جنھن ڪري ملڪ اڃان بھ ڪمزور ٿي ويندو آھي.اھڙا حڪمران خوابن جي دنيا ۾ رھندا آھن.مشير جھڙي ريت حڪمرانن کي مشورا ڏين ٿا، ان تي مشھور شاعر حبيب جالب چيو ھو ”چين ھئي سماج ۾ ، بي مثال فرق ھئي ڪل ۾ اور آج ۾،اپني خرچ پر ھي قيد لوگ تيريي راج ۾،بولتي جو چند ھين. سب وھ شرپسند ھين،ان ڪي کينچ لي زبان، اس کان گھونٽ دي گلھ“ ناقص حڪمراني ۽ سياسي بي يقيني جو اھو مثال پاڪستان تي سچ ثابت ٿئي ٿو.
سياسي عدم استحڪام، معاشي عدم استحڪام کي جنم ڏئي رھي آھي، ڪنھن بھ ملڪ جو دفاع ان صورت ۾ مضبوط ٿيندو آھي جڏھن سياسي ۽ معاشي استحڪام ھجي،عوام خوشحال ھجي،عوام جي حقن کي تحفظ حاصل ھجي، جئين اولهه ۽ ٻين ترقي ڪيل ملڪن ۾ آھي.پاڪستان جي معاشي مسئلن جي حل جي لاءِ ابتدائي طور تي سياسي استحڪام ۽ امن امان لازم ملزوم آھن.ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وڌيڪ قدمن کڻڻ جي ضرورت آھي.اھو ملڪ جو فيصلو ڪندڙ آساني سان ڪري سگھندا آھن.عوام جي ڪليدي ڪردار بنا سمورا طريقيڪار بي نتيجا ھوندا آھن.
دنيا ۾ ڪا بھ حڪومت عوام جي حمايت کانسواءِ پنھنجو دفاع مضبوط نٿي بڻائي سگھي.اسان وٽ حڪومت جي عوامي حمايت مسلسل ڪمزور ٿي رھي آھي،جنھن جا ملڪي دفاع تي بھ اثر پئجي رھيا آھن.جنھن جو فوري سدباب ضروري آھي.حڪمران جماعت ھر ذميداري کان بچڻ چاھي ٿي،حڪمران مسلم ليگ جا اڳواڻ جڏھن الا اعلان اھو چئي رھيا ھجن تھ اسين حڪومت وٺڻ نھ پئي چاھي، اسان مٿان حڪومت مڙھي وئي آھي.ان جا ڪارڪن نجي محفلن ۾ سمورين ناڪامين جي لاءِ ملڪ جي اھم ادران کي ذميدار قرار ڏين ٿا.خود وزيراعظم شھبازشريف بھ 26 نومبر ڊي چوڪ اسلام اباد جي واقعي جو بار ملڪ جي دفاعي اداري جي سربراھ مٿان وجھي ڇڏيو ھو.ھو اھڙي قسم جي باريڪ واردات شايد پنھنجي مشيرن جي چوڻ تي اڳ ۾ بھ ڪري چڪو آھي.26 نومبر تي اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ، جي جلوس جي خلاف آپريشن ۽ ڪارروائي جي باري ۾ تحريڪ انصاف جو چوڻ آھي تھ ان جا درجنين ڪارڪن مارجي ويا ھئا.سڄي دنيا ۾ عمران خان جي آزادي، پي ٽي آءِ، جي خلاف تشدد جي واقعن ۽ فيبروري جي ڌانڌلي وارين چونڊن جي تحقيق ۽ نين چونڊن جو مطالبو وڌندو پيو وڃي،پي ٽي آءِ، ھر صورت ۾ انھن کي وائکو ڪرڻ چاھي ٿي.جيڪي گذريل سمورين غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث رھيا آھن. بنيادي طور تي ھر گذرندڙ ڏينھن پي ٽي آءِ، جي ڪاميابي ۽ حڪمران جماعتن جي ناڪامي ۽ بدنامي جي صورت ۾ اڀري ۽ نڪري رھيو آھي.
ان ڳالهھ جو خدشو آھي تھ پاڪستان جا حڪمران پنھنجي اقتدار تان ھٿ کڻڻ جي لاءِ تيار نھ آھن.اسلام آباد ڊي چوڪ واري سانحي بعد حڪومت ۽ پي ٽي آءِ جا معاملا ڪنھن بھ صورت ۾ حل نھ ٿيندا.عمران خان جي آزادي جي مسئلي تي عالمي دٻاءِ سبب صورتحال خراب کان خراب ٿيندي ويندي جنھن جو نتيجو بنگلاديش جھري صورت ۾ ڪٿي نھ نڪري. ان ڪري حڪومت جي خواھش آھي تھ پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابندي وڌي وڃي ۽ ان جي سمورن اڳواڻن کي گرفتار ڪيو وڃي.عمران خان تھ ڦاھي جي سزا ٻڌي ڪري بھ ٽھڪ ڏيندو ۽ پنھنجي موقف تي قائم رھندو.پر ھاڻوڪا حڪمران دنيا مان ڪھڙو لقب حاصل ڪندا ۽ ڪھڙي انجام تي پڄندا شايد ان جو کين ڪو احساس نھ آھي.