رڳو چولستان ڪئنال وهڻ شروع ٿيو ته سنڌ ريگستان بڻجي ويندي:ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) ناميارن دانشورن، ليکڪن، پاڻي، ماحوليات جي ماهرن ۽ آبادگارن چيو آهي ته چولستان جي ريگستان کي آباد ڪرڻ جي لاءِ سنڌو درياهه مان رڳو چولستان ڪئنال وهڻ شروع ٿي ويو ته سنڌ ريگستان بڻجي ويندي، سنڌ دشمن ۽ درياهه دشمن منصوبن ۾ چولستان وارو منصوبو  انتهائي گهڻو خطرناڪ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه سنڌ ميوزيم جي خانه بدوش رائٽرس ڪيفي جي اڱڻ تي ترقي پسند، روشن خيال، وطن دوست ۽ مزاحمتي شاعر شيخ اياز کي ڀيٽا ڏيڻ جي لاءِ منعقد ڪيل ٽن ڏينهن واري ڏهين اياز ميلي جي ٻئي ڏينهن تي "پاڻي منجهه پساهه” جي موضوع تي ٿيل ويهڪ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن ويهڪ جي ڪارروائي نامياري ليکڪ پروفيسر اسماعيل ڪنڀر هلائي. ان موقعي تي نامياري دانشور نصير ميمڻ چيو ته سنڌ جي پاڻي جو مسئلو تمام گهڻو پراڻو آهي، هتي قومي مفادن جو نالو ڏئي ماڻهن کي ڳالهائڻ کان روڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته 6 نون ڪئنالن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ چولستان ڪئنال آهي، عارف علوي ان آرڊيننس جي منظوري نه ڏني ۽ عارف علوي کانپوءِ  نئين صدر طرفان منظوري ٿي. هن چيو ته پاڻي وفاق نه پر صوبائي معاملو آهي. جنهن تي وفاق ڪنهن به قسم جي فيصلا سازي جو اختيار نٿو رکي. صدر ۽ وزيراعظم کي به ڪو اختيار ناهي. عالمي اصولن ۽ قانونن موجب پاڻي تي پهريون حق سنڌ جو آهي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ محمود نواز شاهه چيو ته انڊس ڊيلٽا ته اڳ ئي تباهه ڪري ڇڏي اٿن، هاڻ باقي بچيل درياهه به ويندو. پنجاب ۾ زراعت سنڌ کان وڌي رهي آهي ۽ سنڌ ۾ زراعت گهٽجي رهي آهي، ملڪ کي هلائڻو آهي ته مشڪريون ڪرڻ بند ڪيون وڃن، ڪئنال ٺهيا ته زراعت ته ٺهيو پر پيئڻ جو پاڻي به نه رهندو. هن چيو ته ماحوليات کي بهتر ڪرڻو آهي ته درياهه کي وهڻو ڏيو، پاڻيءَ جا کوهه مٺا ڪرڻا پوندا ۽ ڊيلٽا کي ٻيهر جيارڻ جي لاءِ ڊيلٽا ۾ پاڻي ڇڏڻو پوندو. پاڻي ماهر ۽ آبپاشي کاتي جي رٽائرڊ انجنيئر الله اوڀايو خشڪ چيو ته 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ گريٽر ٿل ڪئنال جو ڪو به ذڪر نه هو، پر اهو ٺاهيو ويو ۽ هاڻ ان جو ٻيو فيز شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي جي پورائي لاءِ خيالي منصوبابندي ڪئي وئي آهي، پاڻي موجود ناهي ته خيالي منصوبابندي ڇا ڪندي؟ پنجاب 91ع پاڻي ٺاهه ۾ طئه ٿيل پنهنجي حصي واري پاڻي کان به وڌيڪ پاڻي کڻي ٿو. هن چيو ته اسان انڊس ڊيلٽا کي ياد ئي نٿا ڪريون، ڪنهن دور ۾ انڊس ڊيلٽا پٽيالا کان شروع ٿيندو هو، انڊس ڊيلٽا 17 ڪريڪس ۾ وهندو هو، پر هاڻ انڊس ڊيلٽا جو 92 سيڪڙو سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي. هن چيو ته ڊيلٽا ته ويو پر هاڻ سنڌو درياهه به مري رهيو آهي. هن چيو ته ڪيٽي بندر ڪيترائي ميل سمنڊ جي اندر هليو ويو آهي. سنڌو درياهه نه رهيو ته انڊس سولائزيشن به ختم ٿي ويندي. صحافي عافيه سلام چيو ته روايتي ميڊيا تي ڀاڙڻ جو وقت گذري ويو، هر ماڻهو کي پنهنجي ميڊيا آهي، ان ڪري روايتي اردو ۽ انگريزي ميڊيا جيڪڏهن سنڌو درياهه جي مسئلي تي ڌيان نٿي ڏئي ته ڪو مسئلو ناهي. پر اهو روايتي ميڊيا جي لاءِ سوچڻ جو مقام آهي.  هن چيو ته اها سوچڻ جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي پاڻي جو ڪيس ڇا رستن تي وڙهيو ويندو ۽ فيصلو به رستن تي ٿيندو؟. هن چيو ته پاڻي وڌيڪ اچي يا پاڻي نه اچي، ٻنهي صورتن ۾ عورتون وڌيڪ ڀوڳين ٿيون. پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو ته دنيا ۾ وڏا جهيڙا پاڻي تي ٿيا آهن، درياهن جا قدرتي وهڪرا ڪڏهن به عالمي قانونن ۽ اصولن تحت بند نٿا ڪري سگهجن. هن چيو ته سنڌ کي سنڌو درياهه جي ڌرتي سڏيو ويندو آهي، درياهه سنڌو تهذيب جو خالق آهي. درياهه کانسواءِ سنڌ نٿي رهي سگهي.

  • سنڌ جي تعليم جي صورتحال انتهائي خراب آهي:نورالهديٰ شاهه

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ نامياري ليکڪه ۽ ڊراما نگار نور الھدي شاھ ۽ نامياري دانشور نصير ميمڻ جي وچ ۾ ڳالهه جي ويهڪ ٿي. ان موقعي تي نصير ميمڻ ڳالھائيندي چيو ته قدرتي آفتن سبب متاثر ٿيندڙ  ماڻھن جي بحالي ۽ بدحالي جو مسئلو وڏو بحث جو موضوع بڻيل آھي. سنڌ ۾ تعليم ۽ صحت جو نظام خراب آھي، تعليم جو سڄو نظام ۽ نصاب ڪوڙ تي ٻڌل آھي. نور الھدي شاھه چيو ته ٻوڏو سڄي دنيا ۾ ٿين ٿيون. پر اسان وٽ انسانن جون جانيون وڃن ٿيون، ڪچي ۾ رھندڙ ماڻھن کي گھر ٺاھي رھائڻ ۽ ڳوٺن کي نئين سر ٺاھڻ جي ڪابه پلاننگ ناھي. ھن چيو ته سنڌ ۾ پرائمري اسڪول به ائين ٺاھيا ويا آھن، جيئن پاڻي ۽ ٻوڏ جي زد ۾ ايندڙ گھر ٺاھيا ويندا آھن. ھن چيو ته افسوس جي ڳالھ آھي، جيڪي اصل استاد آھن، انھن وري پگھار تي پنھنجا ماڻھو اسڪولن ۾ مقرر ڪري ڇڏيا آھن. سنڌ جي تعليم جي صورتحال انتھائي خراب آھي ۽ سنڌ جي حڪمران جماعت ان مسئلي تي ماٺ ڪيو ويٺي آھي، ھن چيو ته سنڌ ۾ اين آءِ سي وي ڊي سميت ڪجھه اھڙا ڪم به ٿيا آھن، جيڪي ساراھه جوڳا آھن.

  • اياز جي شاعري ۾ لطيف ۽ سچل جو عڪس  نظر اچي ٿو:تاج جويو

حيدرآباد: اياز ميلي جي ٻئي ڏينھن تي “سچل کان اياز تائين” جي موضوع تي ٿيل ويهڪ جي ماڊريٽر ثمينه ابڙو ھئي. ان موقعي تي نامياري اديب تاج جويو ڳالھائيندي چيو سچل سرمست ۽ شيخ اياز ماضيءَ جي ڪلاسيڪل ورثي جي گڻن کي قبول ڪيو، جن انھن ۾ جدت آندي، ڀٽائي سمورن شاعرن جو سرواڻ ھو، اياز سچل مان متاثر ھو، سچل سرمست مٿان ڪفر جون فتوائون مڙھيون ويون، شيخ اياز چيو ته سچل بڻجڻ لاءِ سوليءَ تي چڙھڻو پوندو، اياز تي ڪفر جون فتوائون هنيون ويون. ھن چيو ته شيخ اياز صرف بيباڪ نه پر خوددار به ھو، شاعر اختر درگاھي چيو ته شيخ اياز چيو آھي ته سنڌ ڌرتي اھا ڌرتي آھي، جتي سڀ ڪو ھڪٻئي سان گڏجي وڃي ٿو، جتي ڪنھن به مذھب توڙي رنگ نسل جو فرق ناھي. ھن چيو ته شيخ اياز پنھجي شاعري ۾ ڊڪشن لطيف جو کنيو، پر لھجو سچل سرمست جو کنيو، اياز پنھنجي فن ۽ فڪر ۾ عظيم شاعر آھي، شيخ اياز سنڌي شاعريءَ کي عروج بخشيو آھي. شاعر سيد زوار نقوي چيو ته ياز جديد سنڌي شاعري کي متعارف ڪرايو، ھو واحد شاعر آھي، جنھن ٻن سٽن جي شاعري تي نظم لکيا، ھن وٽ ڪمال جي منظر نگاري ھئي، ھن زنجيرن کي ذلفن سان تشبيهه ڏني، اھا ان جي ڪماليت ھئي، ثمينا ابڙو چيو ته شيخ اياز انقلابي طريقي سان صوفي ازم جي پرچار ڪئي آھي، سچل جي شاعري تمام گھڻي وسيع آھي، اياز سچل کان ڪافي متاثر ھو، اياز شاعري ۾ جديديت متعارف ڪرائي، ھن پورھيت ۽ مزدور جي ڳالھ ڪئي، ھن سامراج کي ننديو.

  • کير ٿر جا جبل 6 ڪروڙ سال پراڻا آھن:اشتياق انصاري

حيدرآباد: اياز ميلي جي ٻئي ڏھاڙي تي تاج صحرائي جي ڪتاب “سنڌو وھندو رھندو” تي ويهڪ ٿي، جنھن جي ماڊريٽر ڊاڪٽر سحر  گل ھئي. ان موقعي تي سنڌ مدرسته لااسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مجيب صحرائي چيو ته بابا جي سيلاني طبيعت رھي، ماڻھن پروپئگنڊا ڪئي ته تاج صحرائي جي ويجھو نه وڃو، پر دادو ضلعي جي ماڻھن کي جس ڏيندس، جيڪي ان پروپئگنڊا جو حصو نھ بڻيا. آرڪيالاجسٽ اشتياق انصاري چيو ته سنڌ جي کير ٿر جا جبل 6 ڪروڙ سال پراڻا آھن. سنڌ سميت ملتان سمنڊ ھيٺ ھئا، ڪارونجھر، کير ٿر ۽ گنجي ٽڪر جا جبل به سمنڊ جي وچ ۾ ھئا. سنڌ سنڌو درياهه جي ڪري وجود ۾ آئي، سنڌو درياهه جي لٽ ئي سنڌ آهي. ھن چيو ته تاج صحرائي جو ڪم شاندار ھئڻ سان گڏ تاريخ جو حصو آھي. ماحولياتي ماھر ناصر پنھور چيو تھ تاج صحرائي ڏکيا پنڌ ڪيا، ھن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گھمي، ھن جو بوبڪ، عاراضي ۽ ڪاڇي سميت ٻين ڪيترن ئي ھنڌن سان لڳاءُ ھو، ھن جي منڇر سان وڏي عقيدت ھئي، تاج صحرائي چيو ھو ته ڪا ٻوڏ آئي ته اھا منڇر ذريعي داخل ٿيندي، 2010ع جي ٻوڏ ۾ ائين ئي ٿيو، نسيم جلباڻي چيو ته تاج صحرائي پنڌ پيچرا ڪري علمي، ادبي، تھذيبي، ثقافتي ۽ تاريخي ورثو رڪارڊ ڪري ڏنو،

  • انتهاپسندي خلاف سنڌ جا نوجوان اڳيان بيٺل نظر اچن ٿا:سورٺ سنڌو

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ “سنڌ جا نوجوان” جي عنوان هيٺ ويهڪ ٿي، جنھن جي ماڊريٽر ڊاڪٽر سورٺ سنڌو هئي، جنهن ڳالھائيندي  چيو ته سنڌ جي ڳالهه اچي ته سڀ انائون ختم ڪري سنڌ جي پاسي ٿي بيهڻو پوندو، سنڌ ئي اسان جي لاءِ سڀ ڪجهه آهي. ھن چيو ته انتھاپسندي ۽ دھشتگردي خلاف سنڌ جا نوجوان اڳيان بيٺل نظر اچن ٿا، جيڪا تمام گھڻي خوش آئند ڳالھ آھي. سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته پنهنجي ڌرتي، وسيلن ۽ زمين جي تحفظ لاءِ جدوجهد کي جاري رکڻو پوندو عورتن کي سياست ۾ حصو ضرور وٺڻ گھرجي، عورتن جي سياست ۾ جاءِ ٺاھڻ لاءِ جدوجھد جي ضرورت آھي. روماسه جامي چيو ته نوجوان ئي بھتر سماج جوڙي سگھن ٿا، پر شرط اھو آھي ته ڇوڪرين ۽ عورتن کي برابري جي بنياد تي ڏٺو وڃي. ھن چيو ته انتھاپسندي ۽ دھشتگردي واري دور ۾ سنڌ جي نوجوانن مٿان اھم ذميواريون لاڳو ٿي چڪيون آھن. سعد ميمڻ چيو ته يو ايس اي جو نوجوان سڀ کان اڳ ڪاروبار ڪرڻ کي اهميت ڏئي ٿو، پر اسان جو نوجوان پڙهائي کانپوءِ وڏيرن جي اوطاقن تي وڃي رشوت آڇي سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اسان وٽ سرڪاري نوڪري کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي. اطلس عبير چيو ته ڇوڪرين کي سوشل ميڊيا تي هراسان ڪيو وڃي ٿو، ليليٰ نثار چيو ته ڇوڪرين سان برابري وارو ورتاءُ نٿو ڪيو وڃي، ميڊيا جي اندر خاص طور تي سنڌي ميڊيا ۾ ڪنھن به عورت کي ٽي وي چئنل جي ڊائريڪٽر نيوز سميت ٻي ڪا اھم ذميواري مليل ناھي، ڪا به عورت اسان کي ڪرائيم رپورٽر جي حيثيت ۾ ميڊيا ۾ ڪم ڪندي نظر نٿي اچي.

  • اياز جي شاعري ۾ عالمگيريت نظر اچي ٿي:زيد پيرزادو

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ “هائڪو منجهه هڳاءُ” جي عنوان سان ويهڪ ٿي. جنهن جو ماڊريٽر امر پيرزادو هو. ان موقعي تي نامياري شاعر ادل سومرو ڳالهائيندي چيو ته اياز جن به صنفن ۾ لکيو انهن کي زندگي ملي وئي. ڇو ته اياز جي ڪيل هر صنف جي شاعري ۾ فڪر سمايل آهي. اياز جي شاعري ۾ تاريخ ۽ فڪر سان گڏ موسم ۽ حالتن جي منظر ڪشي ملندي. شاعر زيد پيرزادو چيو ته شيخ اياز جو اهو ڪمال آهي ته هو هڪ ئي وقت نظم ۽ نثر جو تمام وڏو شاعر آهي. اياز شاعري جي سڀني صنفن ۾ مهارت سان لکيو آهي. اياز شاعري ۾ هائڪي کي نظم جو به ٽچ ڏنو. اياز سڄي دنيا جو ادب پڙهيو ان ڪري هن جي شاعري ۾ عالمگيريت نظر اچي ٿي. شاعر وسيم سومرو چيو ته هائڪو صنف هڪ پل جي ڪهاڻي ۽ هڪ پل جي منظر ڪشي آهي. اياز وري ان صنف ۾ ڪمال جي شاعري ڪئي. بختاور منصور چيو ته هائڪو صنف ۾ شاعري ڪرڻ تي سڀ کان پهرين اعتراض ڪندڙ به شيخ اياز هو ماڊريٽر امر پيرزادو چيو ته اياز جنهن به صنف ۾ لکي ٿو ان ۾ ڪمال جو شاعر ٿو لڳي. اياز شاعري جي هر صنف ۾ ڪمال جو شاعر آهي.

  • سيف سميجو،صنم ماروي ۽ ٻين پاران سرن جي ورکا

حيدرآباد: ڏھين اياز ميلي ۾ محفل اياز پڻ ٿي، جنھن جي ڪارروائي نامياري ڪمپيئر بخشڻ مھراڻوي ھلائي. محفل اياز ۾ نامياري راڳي سيف سميجو، صنم ماروي، ضامن علي، عاشق نظاماڻي، برڪت فقير، جواد فقير، ڀڳت جواھر لال، ستار نواز شاھد ۽ جاويد جوڻيجو سميت ٻين سرن جي ورکا ڪئي، جنھن تي ميلي ۾ شريڪ سوين نوجوان جھمريون ھڻي رقص ڪندي فنڪارن توڙي فنڪارائن کي داد ڏيندا رھيا.

  • آڪاش انصاري،ادل سومرو ۽ ٻين نڪور شاعري پيش ڪئي

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ مشاعرو ٿيو، جنھن ۾ ناميارن شاعرن ۽ شاعرائن پنھنجي نڪور شاعري پيش ڪري واھه واھه ڪرائي  ڇڏي. ڏھين اياز ميلي جي ٻئي ڏھاڙي تي مشاعري جو سيشن ٿيو، جنھن جي ماڊريٽر عرفانه ملاح ھئي. مشاعري ۾ نامياري شاعر آڪاش انصاري، ادل سومرو، سحر امداد، فاطمه حسن، بخشڻ مھراڻوي، تنوير انجم، رخسانه پريت چنڙ، ڊاڪٽر بختاور ڄام، سعديه بلوچ، امر اقبال، گلبدن جاويد مرزا، بختاور منصور، ريحانه چنڙ ۽ شبنم گل سميت ٻين شاعرن ۽ شاعرائن پنھنجي نڪور شاعري پيش ڪري ڀرپور داد حاصل ڪيو.

  • ادب مان اجتماعيت مري رهي آهي:جامي چانڊيو

حيدرآباد: اياز ميلي ۾ “اميد ۽ نااميدي جي پلصراط تي ٽنگيل عالمي امن” جي موضوع تي ٿيل ويهڪ جو ماڊريٽر اردو ادب جو شاعر ۽  ليکڪ ڪاشف رضا هو. ان موقعي تي نامياري دانشور جامي چانڊيو ڳالھائيندي چيو ته عالمي امن جو سوال خطري ۾ آھي، دنيا مارڪيٽ، منڊين ۽ ڪارپوريشن جي حوالي ڪئي پئي وڃي، اڳ ۾ ادب مقامي سطح تائين محدود ھو، ھن چيو ته فيض جي شاعري صرف مقامي نه پر عالمي سطح جي ھئي، ائين ئي شيخ اياز جي شاعري به مقاميت سان گڏ عالمي ھئي. ھن چيو ته لبرل آرڊر ۾ استحصال ۽ طبقاتي نظام موجود ھو، نئين لبرل آرڊر ۾ به اهي ساڳيون شيون موجود آهن، اڄ جي اديب، شاعر ۽ آرٽسٽ کي دنيا جي نيو لبرل ازم کي شعوري طور سمجڻو پوندو، ھن چيو ته اڄ به ادب لکيو وڃي ٿو، پر 20 ھين صدي ۾ شاعر ۾ سياسي شعور ھو، ان ۾ اجتماعيت ھئي، پر ھن وقت جي اديب جي سوچ انفرادي ٿي وئي آھي، اجتماعيت مري رھي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.