شڪارپور/ميان صاحب (نمائندن وٽان ) ميان صاحب لڳ ڳوٺ خان محمد خان پٺاڻ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڪارنهن الزام هيٺ 40 ورهين جو نوجوان نبي دوست پٽ نور محمد ميربحر قتل اطلاع تي سندس گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو تفصيل موجب:ميان صاحڀ ٿاڻي جي حد ڳوٺ نظر علي خان ڀرسان مير بحر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن جي پراڻي مسئلي تان جوابدارن فائرنگ ڪري 40 سالا نبي داد پٽ نور محمد ميربحر کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويا اطلاع ملڻ تي ميان صاحب پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ميان صاحب پوليس ٻڌايو ته واقعو ڪارنهن مامري تان پيش آيو آهي، مقتول جي وارثن جو موقف آهي ته نوجوان کي محمد عثمان ميربحر جي ڌر جي هٿياربندن ڪارنهن جي مسئلي تان گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته مامري جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.