امريڪا پاران پاڪستان جي بلاسٽڪ ميزائل پروگرام تي ڪاوڙ ڇو؟ ميزائيل پروگرام سان سلهاڙيل چئن ڪمپنين تي پابندين پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي؟ ڇا انهن پابندين پويان تحريڪ انصاف جو احتجاج ته ناهي؟جو بائيڊن انتظاميا به عمران خان جي آزادي لاءِ حڪومت تي دٻاءُ پئي وجهي ڇا؟ ڪٿي انهن پابندين جو تعلق خان صاحب جي امڪاني سزا سان ته ناهي؟
هن وقت سڄي دنيا ۾ هڪ عجيب قسم جو ماحول جڙيل آهي، لڳي ائين ٿو ڄڻ ٽئين عالمي جنگ شروع ٿي وئي آهي، هر طرف روڄ راڙو لڳو ويو آهي، هر ملڪ جي سرحد تي ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي خاص طور ايشيا جون حالتون ته بلڪل ئي خراب لڳيون پيون آهن۔ هڪ طرف روس ٻن سالن کان وٺي حالت جنگ ۾ آهي۔ سعودي عرب يمن جي حوثي باغين سان ٽڪرايون ويٺو آهي، افغانستان جي سرحد پاڪستان ۽ ايران لاءِ غيرمحفوظ بڻيل آهي۔اسرائيل فلسطين مٿان بارود وسائڻ ۾ مصروف لڳو پيو آهي۔ لبنان اسرائيل جهڙي هاٿي سان اٽڪايون ويٺو آهي۔ ايران اسرائيل سان وچڙيو پيو آهي۔ شام ۾ ترڪي امريڪي ۽ اسرائيلي مداخلت به ڪنهن کان ڳجهي ناهي۔ پاڪستان ۽ ڀارت سندرو ٻڌيون هڪ ٻي کي اکيون ڏيکارڻ ۾ پورا آهن۔ پاڪستان ۽ ڀارت ايٽمي ڌماڪن کان پوءِ ميزائيل ٺاهڻ جي ڊوڙ ۾ لڳي ويا آهن۔ اسرائيل امريڪا ۽ سندن اتحادي انڊيا کي جديد ٽيڪنالاجي سان خطرناڪ هٿيار ٺاهڻ ۾ مدد ڪن پيا۔ پاڪستان مٿان وري چين ۽ ڪوريا مهربان بڻيل آهن پاڪستان ميزائيل ٽيڪنالاجي ۾ وسان نه پيو گهٽائي۔ ٿوري فاصلي کان وٺي هزارين ڪلوميٽرن تائين جا هر قسم جو ايٽمي وارهيڊ کڻن جي صلاحيت وارا ميزائيل پيو ٺاهي۔
پاڪستان جو شاهين سيريز وارو ميزائيل پروگرام امريڪا بهادر کي نه پيو وڻي ان لاءِ امريڪا پاران پاڪستان جي هڪ سرڪاري ۽ ٽن نجي دفاعي ڪمپنين تي پابنديون لاڳون ڪيون ويون آهن۔ امريڪي پابندين پويان اصل قصو ڪهڙو آهي ان کي هر ڪو پنهنجي حساب سان ڏسي ٿو۔ حقيقت کان بي خبر ٿي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ۾ لڳي ويا آهيون هڪ طرف تحريڪ انصاف جهمريون هڻي ٿي ته سندس احتجاجن ۽ عمران خان جي قيد جي ڪري امريڪا پاڪستان مٿان ناراض ٿي پيو آهي ان ڪري پاڪستان کي سبق سيکارڻ لاءِ اهڙيون پابنديون هنيون ويون آهن جن جو تعلق سڌو سنئون دفاع سان آهي۔ تحريڪ انصاف وارن جو اهو به خيال آهي ته امريڪا تي خان صاحب جي يار ٽرمپ جي حڪومت اچڻ واري آهي ان ڪري اهڙيون پابنديون هڻي پاڪستاني سرڪار کي مجبور ڪيو پيو وڃي جو هو خان صاحب جا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪري ڇڏي۔ تحريڪ انصاف جي ڪجھه ماڻهن جو وري اهو به خيال آهي ته خان صاحب خلاف 190 پائونڊ واري ڪيس جو فيصلو اچڻ وارو آهي ان ڪري امريڪا پاڪستان مٿان دفاعي پابندي مڙهي کيس مجبور پئي ڪري ته خان صاحب ڏانهن نرمي اختيار ڪئي وڃي۔ منهنجي هڪ دوست ته ايتري تائين به چيو ته انهن پابندين جو تعلق ان نجي ٽي وي جي خبر سان آهي جنهن هم جنس پرست امريڪي رهنما خلاف خبر هلائي هئي۔ ان دوست جو اهو خيال آهي ته ان چينل سرڪار جي آشرواد سان اها خبر هلائي هئي ان ڪري اهڙيون پابنديون لڳيون۔
ڏٺو وڃي ته حقيقت اها ناهي جيڪا تحريڪ انصاف جا دوست سوچي رهيا آهن۔ منهنجي نظر ۾ امريڪي پابنديون پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ سنئين سڌي مداخلت آهي۔ ڪنهن به ملڪ کي اهو اختيار نه ٿو پهچي ته هو ڪنهن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري ۽ اهو به وري دفاع تي۔ مضبوط دفاع هر ملڪ جي بقا لاءِ ضروري آهي ان ڪري تحريڪ انصاف سميت سڀني سياسي ۽ مذهبي پارٽين کي گهرجي ته امريڪا جي اهڙي عمل جي سخت مخالفت ڪن ۽ حب الاوطني جو مظاهرو ڪندي مطالبو ڪن ته اهڙين پابندين کي فوري ختم ڪيو وڃي۔ .
ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي بنسبت انڊيا جو ميزائيل نظام تمام جديد ۽ وڏي فاصلي تائين مار ڪندڙ ۽ ايٽمي هٿيار کڻندڙ آهي ان مٿان ڪنهن قسم جي ڪا پابندي ناهي ۽ اسان مٿان پابندي ڇو؟ اهو ڪو پهريون دفعو ناهي جو امريڪا پاڪستان مٿان ڪي دفاعي پابنديون مڙهيون آهيون۔ ايٽمي پروگرام شروع ٿيڻ کان وٺي ايٽمي ڌماڪن تائين مختلف وقتن تي پابنديون لڳنديون آيون آهن پر پاڪستان پنهنجي دفاع کي پابندين کان بي نياز ٿي مضبوط ڪندو رهيو۔ هاڻوڪين پابندين وارو فيصلو ڪو جهٽ پٽ ۾ نه ٿيو آهي اهڙي قسم جي پابندين جون ڳالهيون ٽي سال اڳ کان وٺي هلنديون پيون اچن۔ ٽي مهينا اڳ دفتر خارجه اهڙن پابندين تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري چڪو آهي جنهن ۾ امڪاني پابندين جي مخالفت ڪئي وئي پر امريڪا بهادر جي پنهنجي مرضي آهي جڏهن چاهي پابنديون هڻي جڏهن چاهي پابنديون هٽائي۔ اهڙين پابندين جو شڪار صرف پاڪستان نه بڻيو آهي ان کان اڳ ساڳي قسم جون پابنديون چين ۽ بيلاروس مٿان به مڙهيون ويون آهن پر تنهن هوندي به ڪنهن به ملڪ پنهنجي دفاع تي سمجهوتو نه ڪيو ۽ هٿيار ٺاهيندا پيا اچن۔ .
هاڻي به امريڪا جي اهڙن پابندين جو پاڪستاني دفاع تي ڪو خاص فرق نه پوندو۔ باقي هڪ ڳالهھ ضرور آهي جو پاڪستان جو بلاسٽڪ ميزائيل سسٽم امريڪا يا کڻي اڻس ڌي ريت انڊيا جي اک ۾ ڪنڊو ضرور آهي۔ سياست ڪجي پر ان جو اهو مقصد نه هجڻ گهرجي جون ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت برداشت ڪجي۔.
هاڻوڪين پابندين وارو فيصلو ڪو جهٽ پٽ ۾ نه ٿيو آهي اهڙي قسم جي پابندين جون ڳالهيون ٽي سال اڳ کان وٺي هلنديون پيون اچن۔ ٽي مهينا اڳ دفتر خارجه اهڙن پابندين تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري چڪو آهي جنهن ۾ امڪاني پابندين جي مخالفت ڪئي وئي پر امريڪا بهادر جي پنهنجي مرضي آهي جڏهن چاهي پابنديون هڻي جڏهن چاهي پابنديون هٽائي۔ اهڙين پابندين جو شڪار صرف پاڪستان نه بڻيو آهي ان کان اڳ ساڳي قسم جون پابنديون چين ۽ بيلاروس مٿان به مڙهيون ويون آهن پر تنهن هوندي به ڪنهن به ملڪ پنهنجي دفاع تي سمجهوتو نه ڪيو ۽ هٿيار ٺاهيندا پيا اچن۔