اِن ڳالھه ۾ ڪو شڪ ناھي ته جڏھن کان پاڪستان آزاد ٿيو آھي ته سنڌ صوبي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري ھميشھ کان وٺي اڄ تائين ان کي پوئتي ڌڪڻ جي سازش ڪئي وئي آھي ڪڏھن سنڌ جي معدني وسيلن تي قبضا ته ڪڏھن وري سنڌ جي ادارن کي يرغمال بڻائڻ ته ڪڏھن وري سنڌ ڌرتيءَ جي زرخيز زمينن تي قبضا ڪري سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن ٿيون پر افسوس ته ھاڻي وڏو ڀاءُ پنجاب سامراج يا اسٽبلشمينٽ ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ برقرار رکندي سنڌوءَ درياءُ تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهن ته ڪھڙي به طريقي سان سنڌوءَ درياءُ مٿان 6 ڪئنال ٺاھي پنجاب جي لکين ايڪڙ زمينن کي آباد ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي زرخيز زمينن کي ڀلي بنجر بڻايو وڃي ۽ ھڪ دفعو ٻيھر سنڌ اندر ھڪ ڪربلا قائم ڪري رھواسين کي پاڻي ڍُڪ لاءِ تڙپايو وڃي حقيقت ۾ اصل کان وٺي طاقتور ڌريون سنڌ کي پوئتي ڌڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھيون آھن ڪير ڪنھن کي معاف ڪري ته ڀلي ڪري پر تاريخ ڪنھن کي معاف نٿي ڪري پاڪستان جي قيام کان پھرين 1945ع ڌاري سنڌو درياءَ ۾ ايندڙ ٽن دريائن کي وڪڻي ڇڏيو ھو جيڪي درياءُ اِنھن جا نه ھئا ھماليا بيسن جا ھئا ستلج راوي ۽ بياس جنھن جو پاڻي سنڌو درياءَ ۾ ايندو ھو ان وقت معاھدو ٿيو ھو ته 2 ڪروڙ سنڌ کي ڏنا ويندا پر اڄ تائين پنجاب کان نه مليا آھن جنھن جي ڪري ڪراچي ۾ ويٺل ڪنھن شاعر درياءُ تي متعلق بھترين شاعري ڪئي ته
عجیب لوگو کبهی نه دینا سمندروں تک رسائی انکو
جنهوں نے پهلے تمهاری دریاء جهیلیں فروخت کر دی
فراط اپنے بچا که رکهے میری سبیلیں فروخت کر دی
اھڙي منصوبي جي وزير اعظم پاڪستان شھباز شريف اجازت ڏئي ڇڏي آھي ته ڀلي ٺاھيو جنھن جي خلاف سڀ کان پهرين وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ احتجاج ڪندي سي اَي سي ۾ مخالفت ڪري قرارداد پيش ڪئي ته ھي منصوبو سنڌ کي بنجر بڻائڻ ۽ سنڌين کي پياسو مارڻ وارو ثابت ٿيندو جنھن کان پوءِ پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀُٽو سندس پارٽيءَ ۽ سنڌ جي سڀني قومپرستن پارٽين جي مسلسل تحريڪ ھلائڻ کان پوءِ في الحال معاملو رڪجي ويو آھي پر رد نه ٿيو آھي سنڌي ماڻهن جو مسلسل روڊن رستن تي نڪري احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا ھڻي پنجاب ڏانھن ويندڙ روڊ رستا بند ڪري تمام وڏي تحريڪ ھلائڻ کان پوءِ وزيراعظم شھباز شريف في الحال اھڙي معاملي کي قومي مفادن واري ڪائونسل ڏانھن موڪلي ڇڏيو آھي مطلب ته في الحال ھي معاملو ڪميٽي ڏانھن منتقل ضرور ٿيو آھي باقي سنڌوءَ مٿان تلوار جيان ٽنگيل آھي جنھن کي رد ڪرڻ لاءِ وزيراعلي سنڌ مراد علي شاھ به حڪمران طور سرگرم نظر اچي رھيو آھي ممڪن آھي ته ھي اشو به ڪالاباغ ڊيم وانگر ڪيترن سالن تائين سنڌوءَ جو ساھ سڪائڻ ۽ سنڌين لاءِ سڪرات جيان ھلندو رھي باقي ڪئنالن جو وجود ڪالاباغ ڊيم جيان خيالي خوابن کوکلن نعرن سکڻن بيانن تائين محدود ھجي. پنجاب سمجھي ٿو ته سنڌوءَ جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ضايع پيو ٿئي جيڪا سندن گھٽ سوچ ڪم عقلي ۽ سنڌ دشمني آھي حقيقت ڪجھ ھِن ريت آھي ته سنڌوءَ درياءُ جي پاڻيءَ سان سنڌ جي تقريبن 50 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي رھي آھي ان کان علاوه ڪروڙين سنڌي ماڻهو سنڌوءَ جو پاڻي پي رھيا آھن جيڪڏھن الله نه ڪري 6 ڪئنال نڪرن ٿا ته سنڌ جي زمين ته بنجر بڻجي غير آباد ٿي ويندي پر ان سان گڏوگڏ ڪروڙين سنڌي ماڻهو پاڻي ڍُڪ پيئڻ لاءِ تڙپندا رھندا اڄ به ڪراچي حيدرآباد نواب شاھ لاڙڪاڻو سکر جا ڪروڙين ماڻهو سنڌو مان پنھنجي اُڃ اجهائي رھيا آھن
جيڪڏھن ڪئنال ٺھن ٿا ته ماڻھو پاڻي ڍُڪ لاءِ تڙپندا رھندا پاڻي صرف زراعت جو ذريعو نه پر زندگيءَ جو جياپو آھي جيڪو صرف زمينن لاءِ ضروري ناھي پر حقيقت ۾ ھي پاڻي پيئڻ لاءِ به ضروري آھي جيڪڏھن ملڪي حالتن کي ڏسجي ته اصل حقيقت ڪجھ ٻئي محسوس ٿي رھي آھي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبن جي عوام عمران خان جي حمايت لاءِ روڊن رستن تي نڪتل آھي بلوچستان جي عوام لاپتا ماڻھن جي بازيابي ۽ دھشتگرد ڪاررواين خلاف روڊن رستن تي نظر اچي رھي آھي ۽ باقي رھيل سنڌ صوبو ھو جنھن کي ڪئنالن جو اشو ٺاھي ڏنو ويو آھي ته توھان ٽرڪ جي بتي پويان ھلي ڪئنالن خلاف روڊن رستن تي نڪري پئو. اھڙي طرح سڄي ملڪ جي عوام روڊن رستن تي نڪتل آھي جڏھن ته حڪمران پنھنجي عياشين ۾ لڳل نظر اچي رھيا آھن منھنجي ذريعن مطابق ته جيئن 40 سالن کان ڪالاباغ ڊيم خلاف عوام روڊن رستن تي نڪتل ھئي سنڌ جي سڀني پارٽين سميت خد بينظير ڀٽو صاحبه ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ پنجاب بارڊر تي ڪمون شھيد وٽ جيڪو ڌرڻو ھنيو اُھو به تاريخ جو حصو آھي ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ صوبي جي احتجاجي مظاهرن ۽ ھلايل تحريڪ کي ڪڏھن به وساري …