مرشد لطيف فرمايو آهي
سرجيس تان سور، سامايس تان سک ويا،
اھي ٻئي پور، مون نماڻي نصيب ٿيا
ان بيت مان مراد جيڪڏهن آئون ماءُ جي ان تڪليف جي عڪاسي ڪرڻ لاءِ وٺان جيڪا تڪليف زچگي دوران ٻار کي جنم ڏيندي ماءُ کائيندي آھي تـ شايد آئون ايئن سمجھان تـ انهن سورن جو عڪس لطيف سرڪار پنهنجي بيت ۾ چٽيو آهي. ماءُ جيڪا نو مھينا ڏھ ڏينهن پنهنجي پيٽ ۾ ٻار پاليندي آهي، ان حالت ۾ هن کي گهر، ٻار جي سنڀال، ٻني جو ڪم، مال جي سار سنڀال يا نوڪري به ڪرڻي هجي ٿي، ڪم ڪار سان گڏو گڏ پنهنجي پيٽ ۾ پيل ٻار جي حفاظت جو به خيال رکي ٿي. جڏهن ته سنڌ جي غريب ڳوٺاڻي عورت شديد غذائي قلت جو به شڪار رهي ٿي ان حالت ۾ ھو ڪيترو نه ٿڪجندي هوندي، ڪيڏي نه تڪليف مان گذرندي هوندي.
مشهور چوڻي آهي ته عورت ماءُ بڻجندي آهي ته ڪفن سيراندي رکي پوءِ ٻار کي جنم ڏيندي آهي، جيڪو ٻار ايترين تڪليفن کان پوءِ پيدا ٿيندو آهي ته ماءُ جو پنهنجي ٻار ۾ ڄڻ ساھ سمايل هوندو آهي، راتين جون راتيون ٻار تي اوجاڳا ڪندي آهي، جڏهن پنڌ ڪندي ٻار ڌڪو کائيندو آهي ته ماءُ جنهن انداز ۾ ڊوڙي هن کي ڇاتي سان لڳائيندي آهي، اهو ڄڻ ڪائنات کي ڀاڪر ڀريندي هجي ڇاڪاڻ جو ماءُ لاءِ پنهنجو ٻار پوري ڪائنات هوندو آهي، جڏهن اهو ٻار جوان ٿئي ٿو ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي هو روزگار سانگي پنهنجي ڳوٺ کان ڪراچي سميت مختلف شھرن ۾ ڪم ڪرڻ وڃي ٿو، تڏهن هن جي ماءُ جو ساھ به ڪراچي ۾ ٽنگيل هجي ٿو. هن جا هٿ ھر وقت دعا لاءِ کنيل هوندا آهن، اکيون درن ۾ کتل هونديون آهن، ته ڪڏهن موڪل تي منهنجي جگر جو ٽڪر پٽ گهر ايندو، پر جڏهن جوان پٽ گهر ۾ اچي ماءُ کي ڀاڪر پائڻ بجاءِ ان جو لاش گهر ۾ ڪلهن تي کڄي ايندو آهي، ان وقت انهن پٽن جي مائرن تان ڇا گذرندو هوندو؟ جنهن جو پٽ نه ڪنهن جنگ ۾ ماريو ويو، نه ڌاڙا هنيا هجن، نه ڦرون ڪيون هجن، پر رڳو پنهنجي ئي وطن، پنهنجي ئي ملڪ ۾ محنت مزدوري ڪندي ڌارين ۽ غير قانوني وسندڙ افغاني پٺاڻن هٿان ماريو ويو هجي، ان جي ماءُ جو درد ڪير ونڊي سگهي ٿو؟
سنڌ جي ڳوٺن مان ڪيترائي نوجوان ڌارين افغاني پٺاڻن هٿان ماريا ويا آهن جن جو ڪو داد فرياد نه ٿو ٿئي، نه ئي قاتلن کي سزائون ملن ٿيون، تازو زاهد ميراڻي ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ اربع بازار ۾ افغاني پٺاڻ هٿان شهيد ٿي ويو، جنهن ۾ احتجاج ڪندڙ وارثن کي انصاف ڏيارڻ بجاءِ الٽو متاثر ڌر کي گرفتار ڪيو ويو. اهو ڪو پهريون سنڌي نوجوان ڪراچي ۾ قتل نه ٿيو آهي، پر ان کان اڳ به ڪيترائي قتل ٿي چڪا آهن ۽ پوڙهن مائٽن جي جهولي خالي ڪري ويا آهن. قومپرست ڪارڪن ارشاد رانجهاڻي کي 2019 ۾ ڪراچي جي بازار ۾ رحيم شاھ نالي افغاني سري عام گوليون هڻي شھيد ڪيو، جنهن تي عوامي سطح تي احتجاج ٿيا جنهن جو چار سالن جي عدالتي ڪاروائي کان پوءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت 16 آگسٽ 2023 تي فيصلو ڏنو، جنهن ۾ قاتل رحيم شاھ کي هڪ لک ڏنڊ 6 سال قيد جي سزا ٻڌائي، جيڪا قيمت ارشاد رانجهاڻي جي ماءُ جي هڪ رات جي اوجاڳي برابر به نه آهي. ڇا سنڌي نوجوان جي زندگي ايتري سستي آهي؟ جو ٻاهر جو آيل ڌاريون ماڻهو کين ماري انڌي منڊي سزا کان پوءِ آزاد ٿي وڃي، ان وقت به عام ماڻهو ان سزا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ۽ عدالتي نظام تي سوال اٿياريا ھُئا.
2023 جي ھڪ رپورٽ مطابق سنڌ ۾ 28 سنڌي نوجوان ڌارين جي هتان شھيد ڪيا ويا. سنڌ ۾ ڌارين جي وڌندڙ آبادي نه صرف سنڌ جي معشيت تي بار آهي پر هو سنڌ ۾ امن امان خراب ڪرڻ م به ملوث هجڻ سان گڏ منشيات ۽ غير قانوني هٿيارن جهڙن ڪاروبار ۾ پڻ ملوث آهن. ڌارين جي وڌندڙ آبادي وطن واسين جي روزگار ۾ پڻ رڪاوٽ هجن سان گڏ ھتان جو ماڻھو سندن موجودگي سبب غير محفوظ پڻ آهي، هنن ڌارين کي ايتري ڇوٽ مليل آهي جو جڏھن چاهين ۽ جتي چاهين وطن واسين کي ماري لاش ڳوٺن ۾ روانا ڪندا اچن.
حڪومت سنڌ کي گهرجي ته غير قانوني آيل افغانين کي بنا دير جي سندن ملڪ واپس موڪلي تـ جيئن سنڌ جي امن امان سان گڏ سنڌ جي معشيت تان بـ انهن جو وزن گهٽ ٿئي، ان سان گڏ اسان سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو ڪريون ٿا ته شهيد زاهد ميراڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي جيئن آئيندا اهڙا ڏوکيندڙ واقعا پيش نه اچن.