ستين سنڌي ادبي ميلي م هن دفعي هڪ نئون ٽيلينٽ سامهون ايندو ميلي کان اڳ پوسٽر شايع ٿيڻ شروع ٿي چڪا هيا ‘ ۽ ھر ماڻھوءَ کي انتظار ھيو ته آخر اھي نوان چھرا ڪھڙا ھوندا ‘ ھا نون چهرن ۾ ڪجھ نوجوان به هيا ‘ ڪجهه سينئر به هيا ‘ ايئن عورت شاعرائون به ته ڪهاڻيڪار به سڀ هئا/ ھيون . چوٻول اھو به ھيو ته ھڪ ٽڪ ٽاڪر ڇوڪري به جيڪا پنھنجي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ جي ڪري ڪافي مقبول آھي ‘ ان جي شرڪت به اعلاڻيل ھئي . جنھن جي شموليت تي سوشل ميڊيا ۾ حمايت/ مخالفت شروع ٿي وئي.
سمجھڻ جي ڳالهھ اھا آھي ته هڪ عورت جيڪا ٽڪ ٽاڪ جي هيروئن آهي ان کي به هڪ ٽيلينٽ آهي. ھوءَ ڌرتي جي خوشي ۾ نچي ڪڏي ته ڪڏهن ڌرتي جي درد کي غم ۾ ٻڏي ٽڪ ٽاڪ ايپ ذريعي اظھاري ٿي. ڪنھن آرٽسٽ جو اھو فن جنھن ۾ ھو سماج لاءِ ٽھڪ ۽ خوشي ٽيڙڻ يا ڏکن ‘ ڏولاپن کي پنھنجي مخصوص انداز ۾ پڌرو ڪري سماج کي جاڳائڻ جو گڻ رکي ٿي ‘ سو نھايت قيمتي آھي . سڄي دنيا ۾ اھا ايپ مقبول آھي جنھن ريت سماج سان ھڪ نئين انداز ۾ پنھنجا احساس ونڊجن ٿا ۽ ان کي تمام گھڻي پذيرائي ملي رھي آھي ‘ ھونئن به اڄ اسانجي زندگين ۾ سوشل ميڊيا جو عمل دخل تمام گھڻو وڌندو پيو وڃي ۽ جيڪي خبرون مھينن کانپوءِ پھچنديون ھيون’ اھي ھاڻ منٽن ۽ سيڪنڊن ۾ پيون ملن .
پر ھتي اھا ڳالهھ افسوس سان ٿي لکڻي پئي ته اسان وٽ مدي خارج ۽ ذھني طور اپاھج ڪجهھ اديب ‘ جيڪي پاڻ ته ٽيڪنالاجي جي استعمال کان اڻ واقف آھن ئي آھن ‘ پر اھي ھر مثبت تبديلي جي خلاف به بي بنياد پروپيگنڊا ڪري رستا روڪ ڪندا آھن …
آئون اهو سوال ٿي ڪريان ٿي ته توهان هڪ عورت ٽڪ ٽاڪر جي جڏهن سليڪشن ڪئي ته پوءِ ڇو نه ان کي موقعو ڏنو ويو مسفر لاشاري کي ڀلا ڇو گهرايو ويو ڇا اهو ٽڪ ٽاڪر ناهي توهان هڪ عورت جي تذليل ڪرائي آهي هڪ ماڻهو جي تنقيد تي پنهنجي سنڌي نياڻي تي آڱر کنئي آهي جڏهن توهان سليڪشن بورڊ وارا ايڏا بهادر ناهيو ته پوءِ ڇو ڪنهن جي تذليل ٿا ڪرايو. توھان ھڪ ٽيليٽيڊ نياڻي کي اسٽيج تي نه ٿا آڻي سگھو ۽ وري اٿي سڀ سنڌ جي بڇايو جا نعرا ٿا هڻو ….!!!
جيڪي عورت کي عزت نٿا ڏئي سگهن اهي معاشري کي ڇا سڌاريندا سنڌ جا مسئلا ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿا آاچ پر شل نه انهن کي ڪا ناپسنديده شخصيت سامهون آئي ته وٺي ها۽ گهوڙا شروع ٿا ڪن .
اسان جو سنڌي سماج ان ڪري ئي پوئتي پيل آهي جو اسان محدود سوڇ اسان کي اڳتي نڪرڻ نٿي ڏئي
افسوس جو مقام آھي جو اسان پنھنجي ھنرمند نياڻين متعلق ميڊيا تي اچي غلط ڳالهيون ٿا ۽ پوءِ وري پاڻ کي قوم جا خيرخواھ به سڏرايون ٿا….!!!