آمريڪي پابندين جو عمران خان سان تعلق ناهي:عائشه صديقه

نيويارڪ(رضا رومي)شام کانپوءِ ايران جو وارو ايندو  پوءِ پاڪستان جو به نمبر ايندو،ملڪ ۾ اهڙو تاثر زور پڪڙي رهيو آهي ته اسرائيل پاڪستان کي به نشانو بڻائيندو ناليواري ليکڪه عائشه صديقه چيو آهي ته پاڪستان ڀارت سان جنگ نٿو چاهي تازو مسقط ۾ 1.5 جي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ اسان جي جگادرين اهو خوف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انڊيا  پاڪستان ۾ روس ۽ يوڪرين جهڙي جنگ ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ عمران خان جا مائٽ آمريڪي پابندين تي خوش ٿي رهيا آهن پر انهن پابندين جو عمران خان سان ڪو به تعلق ناهي،سڀاڻي جيڪڏهن عمران خان ٻيهر وزيراعظم ٿي ويو ته هن آڏو به پاڪستان جي ايٽمي هٿيارن بابت مسئلا هوندا،هن چيو ته آمريڪا کي ايٽمي پروگرام تي ڪو شڪ ناهي ڇو ته مشرف دور ۾ جنرلن کي گهرائي انهن جي ايٽمي عدم ڦهلاءَ بابت ڪائونسلنگ ڪئي وئي، هن چيو ته پاڪستان جو معيشت لاءِ آمريڪا تي وڌيڪ انحصار آهي،

  • پي ٽي آءِ پاران آمريڪي پابندي جي مخالفت

نيو يارڪ(م ڊ) تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ زلفي بخاري آمريڪا طرفان پاڪستان جي چئن ڪمپنين تي پابندي جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته بدقسمتي سان  صدر بائڊن ويندي ويندي به ٻٽي معيار برقرار رکيو آهي، انڪري ضروري آهي ته پاڪستان هميشه پنهنجي قومي خودمختياري جي حفاظت لاءِ مناسب قدم کڻي.

  • پي ٽي آءِ احتجاج دوران وڌيڪ زخمي رينجرز اهلڪار دم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي 26 نومبر جي احتجاج دوران زخمي ٿيندڙ پاڪستان رينجرز پنجاب جو هڪ ٻيو اهلڪار شهيد ٿي ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب پنجاب رينجرز جو لانس نائيڪ محمد تنوير پرتشدد ڪارروائين ۾ زخمي ٿيو هو، هو ڪوما جي حالت ۾ هو. لانس مائيڪ محمد تنوير گهرواري، ٻن پٽن ۽ ٽن  ڌيئرن کي سوڳوار ڇڏيو آهي.  واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي 26 نومبر جي احتجاج دوران اسلام آباد ۾ سري نگر هاءِ وي تي شرپسندن رينجرز اهلڪارن تي گاڏي چاڙهي ڇڏي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 رينجرز اهلڪار شهيد ٿي ويا هئا.

  • پاڪستان تي آمريڪي بندشن جي مذمت ڪيون ٿا:رضارباني

اسلام آباد(بيورو/م ڊ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته آمريڪا طرفان بيلسٽڪ ميزائل پروگرام ۾ سهڪار جي الزام ۾ پابندين جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو آهي ته آمريڪي سامراج کي سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان طفيل رياست ناهي، آمريڪي پابنديون تعصب ۽ تعصب تي ٻڌل آهن. هن چيو ته آمريڪي پاليسي خطي جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائي سگهي ٿي، اهڙا قدم پاڪستان جي ميزائل پروگرام کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر نٿا ڪري سگهن.

  • پي ٽي آءِ جو حڪومت بدلي ايٽمي هٿيارن تي ڳالهائڻ جو پلان آهي: حنيف عباسي

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي چيو ته پي ٽي آءِ جو 2023 جو ڪيليفورنيا پلان اهو آهي ته ملڪ کي عدم استحڪام ڏانهن ڌڪيو وڃي. راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پهريان پي ٽي آءِ وارا چوندا هئا ته آمريڪا حڪومت ڪيرائي، اڄ اهي انهن کان خيرات گهري رهيا آهن، هنن 8 کان 10 لابنگ فرم هاير ڪيون. هن چيو ته ڪانگريس ميمبرن ذريعي 10 خط لکيا ويا، کين به هاير ڪيو ويو، ڪيليفورنيا پلان اهو آهي ته اوهان کي حڪومت ۾ آڻيندا، بدلي ۾ ايٽمي هٿيارن تي ڳالهه ڪرڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.