حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ هڪ ڄڻي جو گولي لڳل لاش ھٿ آيو. ڪينٽ ٿاڻي جي حد ٽنڊو الھيار واري علائقي جي گھر مان لاش ھٿ آيو. پوليس لاش کڻائي سول اسپتال حيدرآباد ۾ پھچايو. پوليس موجب لاش جي سڃاڻپ 40 سالا سرفراز ولد محمد انور کوکر طور ٿي آھي. جيڪو گھر ۾ اڪيلو رھندو ھو، جنھن کي مٿي ۾ گولي لڳل ھئي. شروعاتي جاچ ۾ اھو پتو پيو آھي تي فوتي مالي پريشانين کان تنگ اچي ڪري پاڻ کي مٿي ۾ گولي ھڻي خودڪشي ڪئي آھي. وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.