اسلام آباد (م ڊ) پ پ انٽرنيٽ جي سست رفتار تي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شازيا عطا مري چيو ته کِل ٿي اچي ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ بند آهي ۽ ڊجيٽل پاڪستان جو بل پيش ڪيو پيو وڃي، فائر وال جو ٻڌي ٻڌي ڪَن پَچي پيا آهن، حڪومت جا قدم مذاق آهن، ، ايوان ۾ سوال هڪڙا ٿا ڪريون ته جواب وري ٻيا ٿا ملن، اسان سوشل ميڊيا خلاف ناهيون پر ان جي غلط استعمال جا مخالف آهيون، جيڪي سوشل ميڊيا جو غلط استعمال نٿا ڪن، انهن کي ڇا جي ڪري سزا ڏني پئي وڃي، پ پ جي عبدالقادر پٽيل چيو ته انٽرنيٽ جو اهڙو ستياناس ڪڏهن ناهي ڏٺو، نه ايڪس ٿو هلي نه واءِ ۽ زيڊ، نه وائيس ٿا نوٽ کلن، نه وري تصوير اپ لوڊ ٿي ٿئي، ڪاروبار ۽ ٻارن جي تعليم جو نقصان ٿي رهيو آهي، ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه مملڪتي وزير شزا فاطما جي جواب تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ايترا معزز ميمبر انٽرنيٽ جي شڪايت ڪري رهيا آهن، اسان به انٽرنيٽ استعمال ڪندا آهيون، انٽرنيٽ جي اسپيڊ ٺيڪ ناهي، بهتر ڪرڻ جي گنجائش آهي، بهتر ٿيڻ گهرجي، آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزا فاطما جواب ڏيندي چيو ته اسان کي انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو ڪو شوق ناهي پر قومي سلامتي کان مٿي ڪا شئي ناهي، اسان کي ملڪ جي ڊجيٽل سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻو آهي، اسان کي پنهنجي شهرين کي محفوظ بڻائڻو آهي، شهرين جي ڊيٽا جي حفاظت ۽ سيڪيورٽي جا ذميوار آهيون، منهنجي هٿ ۾ ڪو بٽڻ ناهي ته انٽرنيٽ بند ڪري ڇڏيان پر سيڪيورٽي سببن جي ڪري ڪجهه مسئلا اچي رهيا آهن، سيڪيورٽي خدشن تي ريگوليٽري نظام حرڪت ۾ ايندو آهي، گهرو وزارت جي هدايت تي پي ٽي اي ايڪس کي بند ڪيو آهي، ڏکيائيون پيش اچڻ تي واهپيدارن سان معذرت ڪريون ٿا، آءِ ٽي وزارت ملڪ ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، اپريل 2025 ۾ فور جي ۽ فائيو جي اسپيڪٽرم هوندو.