متحدا مدرسن واري بل تي مولانا فضل الرحمان جي حمايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) مولانا فضل الرحمان ايم ڪيو ايم جي قيادت جي آمد تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. خالد مقبول صديقي چيو ته مولانا صاحب سان هر دور ۾ ملاقات ٿيندي رهي آهي، 26هين ترميم جي موقعي تي به سڀني جو پنهنجو موقف هو. جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ايم ڪيو ايم جي وفد ملاقات  ڪئي. اجلاس ۾ مدرسن جي رجسٽريشن بابت سوسائٽيز رجسٽريشن ترميمي بل تي غور ويچار ڪيو ويو. مولانا مدرسن بابت قانون سازي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ”ايوان صدر مدرسن بابت قانون سازي کي منجهائي ڇڏيو“ ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ”مدرسن بابت بل ۾ ڪا به رڪاوٽ نه هئڻ گهرجي“.جي يو آءِ سربراهه چيو ته ديني مدرسن بابت گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. خالد مقبول به ان جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته مدرسن بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.