لاهور(م ڊ) پنجاب حڪومت پاران اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۾ ڏهوڻ تي واڌ ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪئي وئي آهي، سويڊن جي اپسالا يونيورسٽي جي پروفيسر اشوڪ سوين ايڪس تي لکيو ته پاڪستان ۾ ڏيوالپڻو آهي، آءِ ايم ايف جي قرضن ۽ شرطن تي گذارو ڪري پيو، پر شريفن کي پرواهه ناهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ مونس الاهي به ان واڌ کي فضول قرار ڏيندي لکيو ته اها رقم ڪنهن ٻئي هنڌ خرچ ٿيڻ گهرجي ها، شوڪت بسرا چيو ته ملڪ قرضن ۾ ٻڏو پيو آهي ۽ حڪومت شاهي خرچ ڪري رهي آهي، ان سان عوام ۾ غلط پيغام ويو آهي، پلڊاٽ جي سربراهه احمد بلال محبوب جو چوڻ آهي ته ڪفايت شعاري وارين ڳالهين دوران هڪ ئي ڌڪ ۾ ايڏو اضافو جسٽيفاءِ نه ٿو لڳي،
-
هڪ لک 90 هزار پگهار کڻندڙ عظميٰ بخاري به ناخوش!
لاهور (م ڊ) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن جي پگهارن ۾ واڌ جو دفاع ڪندي پنهنجي پگهار کي ناڪافي قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته مون کي 1 لک 90 هزار رپيا پگهار ملندي آهي، هن ۾ ڪير نارمل زندگي گذاري سگهي ٿو ٻڌائي؟ جيڪڏهن ڪو ٻيو آمدني جو ذريعو نه هجي ته سٺي پگهار ملڻ خراب ڳالهه ناهي، مريم نواز پگهار ناهي کڻندي.