ڪراچي جي گلشن حديد جي علائقي ۾ لڳندڙ هفتيوار اربع بازار ۾ گذريل هفتي هڪ افغانيءَ اسٽال لڳائڻ جي ننڍي ڳالهه تي هڪ سنڌي نوجوان دڪاندار زاهد ميراڻي کي ڇرين سان وار ڪري جيڪو قتل ڪيو هو تنهن تي علائقي جي پوليس اڃان تائين فيصلائتي ڪارروائي ڪندي قاتل کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي جڏهن ته ٻئي پاسي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نوجوان دڪاندار زاهد ميراڻي جي قاتل کي گرفتار ڪرڻ لاءِ احتجاج ٿي رهيا آهن. انهن احتجاجن ۾ مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته واقعي کي هفتو ٿي ويو آهي پر اسٽيل ٽائون پوليس جي نااهلي سبب اڃان تائين قاتل سوگهو نه ٿي سگهيو آهي. ٻيو مطالبو اهو ٿي رهيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاري آبادي جو ڌرتي ڌڻين کي ننڍين ننڍين ڳالهين تي جان سان ماري ڇڏڻ وارن وڌندڙ واقعن جو سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي.
پوليس جو قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهڻ وارو معاملو مجموعي آهي تنهن ڪري ان کي پوليس جي نااهلي سان گڏوگڏ مدي خارج پوليس نظام سان به ڳنڍي سگهجي ٿو. حقيقت ته اها آهي ته اسان جو پوليس وارو ۽ عدالتي نظام ڏوهارين ، قاتلن ۽ دهشت گردن لاءِ گهڻو ئي رعايتي رهيو آهي. قانون ۽ انصاف کي فريادين لاءِ ايڏو ڏکيو ۽ تڪليف جوڳو بڻايو ويو آهي ڄڻ انهن پوليس ۽ عدالت سان رابطو ڪري پنهنجي تڪليف ۾ ئي اضافو ڪيو آهي ڄڻ ايف آءِ آر داخل ڪري ڏوهه ڪيو آهي جنهن ۾ ڏوهارين کان وڌيڪ متاثر ۽ فريادي ڌر کي سزا ملندي هجي. اهڙي پيچيده پوليس ۽ عدالتي نظام کي ڏسي ڪري فريادي خون ۽ چوريون سهائڻ ۽ چپ ڪري ويهڻ ۾ وڌيڪ عافيت سمجهي ٿو ڇاڪاڻ ته زميني حقيقتون ڪجهه ٻيون ئي هجن ٿيون جيڪي فريادين کي تنگ ڪن ٿيون ۽ قاتلن توڙي ڏوهارين کي بچائڻ جو وڌيڪ سبب بڻجن ٿيون.
اصل ۾ عام متاثر ماڻهو آئيني ۽ قانوني طور اهو ئي ڪري سگهي ٿو ته اهو ڪنهن به ڏوهي واقعي يا واردات جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي اڳتي جو ڪم پوليس کي پاڻمرادو ڪرڻو هوندو آهي پر هتي به اهو ئي مسئلو آهي ته جستائين ماڻهو پاڻ ڪنهن معاملي ۾ دلچسپي نه وٺندو، فالو اپ نه ڪندو تيستائين سندس ڪم نه ٿيندو آهي هن معاملي ۾ به عام ماڻهو سمجهندو آهي ته بس ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، هاڻي پاڻ ئي پوليس سب ڪجهه ڪندي پر هتي ائين ناهي ٿيندو. هتي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ واري کي ئي فالو اپ ڪرڻو پوندو تڏهن ئي ڪيس جي اڳڀرائي ممڪن آهي پر هي جيئن ته پوليس معاملو آهي ان ڪري عام ماڻهو ڊڄندو به آهي ڇاڪاڻ ته اسان وٽ پوليس جو ڪردار عوام دوست نه پر عوام دشمن ئي رهيو آهي. سو چوڻ جو مقصد ته پوليس ۽ عدالتي نظام کي تبديل ڪرڻ جي سخت جي ضرورت آهي. موجوده نظام مڪمل طور تي مدي خارج ٿي چڪو آهي جنهن مان فريادين کي گهٽ ۽ ڏوهارين کي وڌيڪ فائدا ۽ رعايتون ملن ٿيون. ان مدي خارج نظام جو ئي نتيجو آهي جو لاقانونيت وڌندي وڃي ٿي ۽ آئين، قانون توڙي انصاف جي بالادستي ڪمزور کان ڪمزور ٿيندو وڃي ٿو.
اربع بازار واري واقعي کي ئي ڏسجي ته ان مدي خارج پوليس ۽ عدالتي نظام جو ئي سبب آهي جو هفتو گذرڻ کانپوءِ به قاتل گرفتار نه ٿي سگهيو آهي ۽ اهو رپورٽن موجب قتل ڪري سولائي سان نه رڳو پاڻ پر سندس گهرڀاتي به فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. جڏهن ته ٿيڻ ايئن گهرجي ته ڏوهارين کي ڏوهي وارداتون ڪرڻ ۾ جيڪر ڏکيائي ٿئي پر ڏوهاري نه رڳو خوني وارداتون سولائي سان ڪري ٿا وڃن پر آساني سان فرار به ٿي وڃن ٿا. اهو صرف پوليس جي نااهلي جو نه پر مجموعي خراب پوليس ۽ عدالتي نظام جو به سبب آهي.
ان تي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي چڱي ريت سوچڻ گهرجي ته ڪيئن پوليس ۽ عدالتي نظام کي بهتر ۽ نتيجي جوڳو بڻائجي جنهن ۾ عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ يقيني هجي جنهن ۾ فريادين جون ايف آءِ آر تحت تيزي سان ڪارروايون ٿين ۽ جنهن ۾ هر قسم جي ڏوهارين کي ايڏي تنگي ۽ ڏکيائي ٿئي جو اهي ڏوهن جي دنيا کان توبهه تائب ڪري جيڪر ڀڄي وڃن.
حڪومت کي اهو به سوچڻ گهرجي ته اهڙو ڪهڙو طريقو اختيار ڪجي جنهن ۾ ڏوهارين ۽ قاتلن کي فرار ٿيڻ جو موقعو نه ملي سگهي ۽ نه ئي کين پيسن جي ضمانت تي آزاد ٿيڻ ڏجي ڇاڪاڻ ته پيشه ور ڏوهارين کي چڱي ريت معلوم آهي ته انهن وٽ پيسن عيوض آزاد ٿيڻ جو آپشن موجود آهي جيڪو اهي گرفتار ٿيڻ کانپوءِ استعمال ڪري سگهن ٿا. ٻيو ته اهڙو الصوبائي رابطي جو طريقو به سسٽم ۾ شامل ڪرڻ گهرجي جو صوبا ڪنهن ٻئي صوبي ۾ واردات ڪري فرار ٿيلن يا روپوش ٿيل ڏوهارين ۽ قاتلن کي پڪڙي واپس انهن صوبن ڏانهن موڪلي ڏين. ائين چيڪ اينڊ بيلنس جو نظام مضبوط ٿي سگهي ٿو.
گلشن حديد جي اربع بازار واري واقعي جو ٻيو جيڪو خوف ناڪ پاسو آهي جنهن جي حساسيت بابت حڪومت کي سوچڻ گهرجي سو آهي قتل جو نسلي ۽ لساني پاسو. ۽ سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري جڏهن ڪرائيم ۾ ملوث ٿئي ٿي يا ڪو قتل ڪري ٿي ته اهو معاملو سياسي ۽ نسلي رخ به استعمال ڪري سگهي ٿو. سنڌ اندر گذريل ڪجهه سالن کان جڏهن ڪي ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن ٿا يا ڪو قتل ڪن ٿا ته اهو نسلي شڪل اختيار ڪري وڃي ٿو، تنهن ڪري انهن اشوز ۾ جيتري دير ڪبي ته انهن مان نوان نوان ٻيا مسئلا پيدا ٿيندا جيڪي سياسي افراتفري جو سبب بڻجي سگهن ٿا ۽ نوان بحران پيدا ڪري سگهن ٿا.
اها به هتي عجيب ڪار آهي ته جڏهن ڪنهن قاتل يا ڏوهاري خلاف احتجاج ڪبو آهي، مظاهرو ڪبو آهي ته پوليس ويتر متاثرين مٿان شيلنگ ڪندي آ ۽ لٺ بازي ڪندي آهي. نوجوان ڪاروباري زاهد ميراڻي جي قتل خلاف جڏهن نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو هو ته اسٽيل ٽائون جي پوليس مقتول جي ڀاءُ سميت الائي ڪيترن مظاهرين کي ته گرفتار ڪرڻ ۾ سورهيائي ڏيکاري پر قاتل جي گرفتاري ۾ سندس ڪارڪردگي ٻڙي نظر اچي رهي آهي.