جنس جي بنياد تي تشدد هڪ عالمي مسئلو آهي، جيڪو غير متناسب طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين کي متاثر ڪري ٿو، خاص ڪري عورتن جي بالغ ٿيڻ ۽ نوجوانيءَ واري دور دوران ۽ انساني سماج ۾ لاڳاپن جي بحران ڪري جنس جي بنياد تي تشدد جا واقعا وڌي ويندا آهن، اها ڳالهه انتهائي خطرناڪ آهي. عالمي سطح تي ٽن مان هڪ عورت پنهنجي زندگيءَ ۾ جنس جي بنياد تي تشدد جو نشانو بڻجي ٿي جنهن ۾ جسماني، جنسي، ذهني، يا معاشي تشدد جو هوءَ انتهائي ويجهڙائيءَ کان مشاهدو ڪري ٿي. عورتن خلاف ٿيندڙ اهڙو تشدد رڳو ان جي جنس جي ڪري ئي ٿيندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ عورت مٿان ٿيندڙ جنس جي بنياد تي تشدد دوران ان جي عذائيت سان تعلق واري مامري يا ڪيفيت جو آسانيءَ سان مشاهدو ڪري سگهجي ٿو.
پاڪستان ۾ جنس جي بنياد تي تشدد جا واقعا انتهائي خطرناڪ نموني پکيڙجي رهيا آهن، پاڪستان ۾ جنس جي بنياد تي ٿيندڙ تشدد ڪا نئين ڳالهه نه آهي پر ان جي تاريخ تمام پراڻي آهي، جنس جي بنياد تي ٿيندڙ اهڙي هر قسم جي ”تشدد“ جو تعلق ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان وڃي ”خوراڪ“ سان جڙي ٿو.
پاڪستان ۾، جنس جي بنياد تي ٿيندڙ تشدد بابت 15-49 سالن جي عمر جون 28 سيڪڙو عورتون پاڻ تي ٿيل تشدد متعلق ڪو حال احوال يا ڪا رپورٽ نه ڪنديون آهن. پاڪستان ۾ بدقسمتي اها آهي ته 34 سيڪڙو شادي شده عورتون پاڻ تي ٿيندڙ جنس جي بنياد تي جنسي يا جسماني تشدد متعلق نه ته ڪا شڪايت ڪنديون آهن ۽ نه ئي وري ڪا رپورٽ داخل ڪرائينديون آهن، جڏهن ته عورتن تي ٿيندڙ اهڙي سموري تشدد کي مڙس پاران زال سان ٿيل بدسلوڪي چئي ٽاريو ويندو آهي ۽ پاڪستان جي سماج ۾ شادي شده عورتن ۽ ڪن صورت ۾ غير شادي شده ڇوڪرين تي ٿيندڙ تشدد کي به گهريلو معاملو چئي ٽاريو ويندو آهي. پر ان ڏس ۾ جيڪا سڀ کان وڌيڪ تڪليف ۽ ڏک جي ڳالهه آهي، سا اها آهي ته جنس جي بنياد تي جنسي ۽ جسماني تشدد جو شڪار ٿيندڙ عورتون نه ته ڪا مدد گهرنديون آهن ۽ نه ئي وري ڪا رپورٽ داخل ڪرائينديون آهن، سماجي طور تي عورت سان ٿيندڙ اهڙي جنسي، جسماني ۽ ذهني تشدد کي زال مڙس جي اڻبڻت يا وري گهريلو معاملو چئي ٽاريو وينديو آهي. عورتن جي اهڙي خاموشي سماجي طور تي ريتن رسمن، ثقافتي معيارن، گهريلو معاملن سان سلهاڙيل هوندي آهي، جڏهن ته سماجي طور تي شعور جي کوٽ، معاشي معاملا، سماجي تاڃي پيٽي ۾ عورتن سان ٿيندڙ ظالم خلاف انصاف نه ملڻ پڻ اهڙي تشدد تي خاموشي اختيار ڪرڻ جا بنيادي ڪارڻ آهن. عورتن تي ٿيندڙ اهڙي جنسي يا جسماني تشدد جو انتهائي خراب ۽ منفي اثر انهن جي صحت، خوارڪ ۽ معاشي معاملن تي پئي ٿو.
معاشري ۾ عورتن تي جنسي ۽ جسماني تشدد جا فوري نقصان عورتن تي پون ٿا ۽ ماءُ ۽ ان جو ٻار تمام گهڻو متاثر ٿين ٿا، سڀ کان پهريان انهن جي جسماني صحت متاثر ٿئي ٿي جنهن جو بنيادي سبب خوراڪ جي ڪمي هوندو آهي، ان بعد ذهني صحت متاثر ٿئي ٿي. تحقيق مان اها ڳالهه به ظاهر ٿي آهي ته جن عورتن تي مسلسل جنسي يا جسماني تشدد ٿئي ٿو انهن عورتن ۾ ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت گهٽجي وڃي ٿي، جڏهن ته شادي شده عورتون اهڙي صورتحال ۾ پنهنجي ٻارن کي پنهنجو کير به پياري نه سگهنديون آهن، جڏهن ته اهڙيون عورتون غذائي ڪميءَ جو شڪار رهن ٿيون، سندن جسم ۾ خوراڪ جي ڪمي ۽ ڪمزوريءَ ڪري انهن جا ٻار ضايع ٿين ٿا. مجموعي طور تي عورتن تي ڪنهن به نموني جسماني يا جنسي تشدد ٿيندو آهي ته ان جو سڌو سنئون تعلق وڃي عورت ۽ ان جي ٻار جي غذائي معاملن سان جڙندو آهي، اهو ئي سبب آهي جو عورتن تي ٿيندڙ جنس جي بنياد تي تشدد يا جسماني تشدد جا اثر تمام گهڻو گهرا ۽ دور رس ٿيندا آهن.
عورتن تي جنسي ۽ جسماني تشدد ڪري عورتن جي ذهني صحت تي ته برا اثر پون ئي ٿا پر ان سان گڏوگڏ عورتن جي نفسيات ۽ عزت نفس پڻ متاثر ٿين ٿا، جڏهن ته ماءُ ۽ ٻار اهڙي تشدد خلاف سخت رد عمل جو اظهار پڻ ڪندا آهن جيڪو بدقمستيءَ سان غير موثر هوندو آهي، اهڙو تشدد ٻارن جي واڌ ويجهه لاءِ نقصان ڪار هوندو آهي، حمل دوران جن عورتن تي جسماني تشدد ٿئي ٿو، يا اهي جسماني تشدد دوران زخمي ٿين ٿيون اهي عورتون درست ۽ محفوظ نموني ٻار به پيدا ڪري نه ٿيون سگهن، بدقسمتي اها آهي ته اهڙين عورتن کي پنهنجن گهرن ۾ نه ته ڪا حيثيت يا عزت ملندي آهي ۽ نه ئي هو ٻارن جي پالنا يا پنهنجي تحفظ متعلق ڪي فيصلا ڪري سگهنديون آهن.
پاڪستان ۾ صحت جي ماهرن کي عورتن تي ٿيندڙ اهڙي تشدد ۽ انهن جي علاج دوران انهن جي اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ڪو طريقو ئي موجود نه آهي ۽ نه ئي هو سماجي طور تي اهي اهڙي ڪنهن معاملي کي موثر نموني منهن ڏئي سگهندا آهن. بدقسمتي اها آهي ته اهڙا ماهر عورتن تي ٿيندڙ تشدد کي منهن ڏيڻ پنهنجين ذميوارين جو حصو ئي نه سمجهندا آهن. ڪيترائي صحت جا ماهر عورتن تي ٿيندڙ اهڙي جنسي ۽ جسماني تشدد کي نه ته عورتن جي صحت ۽ خوراڪ جي معاملن سان جوڙيندا آهن ۽ نه ئي وري انهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي ڪوششون وٺندا آهن. ڪيترائي طبي ماهر عورتن تي ٿيندڙ جنس جي بنياد تي تشدد ۽ جسماني تشدد کي منهن ڏيڻ پنهنجي ذميواري ئي نه ٿا سمجهن ۽ اهڙن ڪيسن کي طبي ۽ قانوني ( جيڪي انهن سان لاڳاپيل هجن) انهن سان رجوع ڪرڻ لاءِ چوندا آهن ۽ پاڻ اهڙن مامرن کان پاسو ڪندا آهن.
صحت جي سار سنڀال ڪرڻ وارا جيئن ته ڊاڪٽر، نرسون ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز گهرن ۽ برادرين ۾ عزت وارا هوندا آهن، ۽ ان ڪري انهن کي جنس جي بنياد تي تشدد، جنسي ۽ جسماني تشدد جي ڪيسن جي نشاندهي ڪرڻ، علاج ڪرڻ ۽ اهڙن واقعن کي دستاويزي صورت ۾ آڻڻ کان پري رکيو ويو آهي جيڪا ڳالهه پڻ انتهائي نامناسب آهي. جڏهن ته صحت جي سار سنڀال ڪندڙ سڀني ماهرن کي اهڙن ڪيسن جي نشاندهي ڪري انهن کي ٻين سماجي چينلز تائين پهچائڻ گهرجي جيڪو عمل هو نه پيا ڪن، ڇو جو صحت جي نظام ۾ اهڙا ڪي به نفسياتي ۽ سماجي صلاحڪار موجود نه آهن ۽ متاثرن کي اهڙي نفسياتي ۽ سماجي مدد فراهم ڪندڙ نه ادارا آهن ۽ نه ئي وري ڪو نظام آهي.
پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي جي پروگرامنگ جو بنياد عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ محفوظ ماحول پيدا ڪرڻ آهي، ڪميونٽيءَ جي حفاظت جو جائزو وٺڻ آهي. جنس جي بنياد تي عورتن تي ٿيندڙ جسماني ۽ جنسي تشدد کي ڊگهي مدي واريون ڪوششون وٺي عورتن جي سماجي ۽ معاشي اختيارن کي بحال ڪرڻ ۽ وڌائڻ آهي، ان سان گڏوگڏ عورتن جي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪميونٽيءَ جي بنياد تي عورتن جي تعليم ڪرڻ وارا عمل شامل آهن. انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪميونٽيءَ جي بنياد تي عورتن لاءِ تعليم جي شروعات ڪري اهڙين عورت دشمن ريتن، رسمن ۽ ثقافتي معيارن کي منهن ڏئي جنس جي بنياد تي عورتن تي ٿيندڙ تشدد کي منهن ڏيڻ آهي.
اهو نوٽ ڪرڻ ضروري آهي ته سول سوسائٽي تنظيمون (CSOs) جنس جي بنيادن تي تشددخلاف وڙهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون ۽ ڪميونيٽيءَ جي بنياد تي طريقي سان تبديليءَ جون حمايت ڪن ٿيون. يورپي يونين جي سهڪار سان پاڪستان ۾ IRC سنڌ جي پنجن ضلعن ۾ 15 مقامي سي ايس اوز جي صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهي CSOs عورتن ۽ ڇوڪرين لاءِ محفوظ، وڌيڪ برابري وارو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ معاشري ۾ سگهارو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ فرنٽ لائن تي ڪم ڪري رهيون آهن. جڏهن ته جنس جي بنياد تي تشدد خلاف ڪم ڪنداڙ ادارا ۽ غذائيت پروگرامنگ گڏيل طور سماج جي ڪجهه حصن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، جن جا ڪجهه اهم ۽ شاندار مثال اڳ ۾ ئي موجود آهن.
غذائيت جي پروگرامن ۾ جنس جي بنياد تي تشدد جي روڪ ۽ رد عمل کي فعال ڪري عورتن ۽ ٻارن لاءِ بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. اهڙن نتيجن کي حاصل ڪرڻ لاءِ محفوظ جڳهن جي تعمير، نفسياتي ۽ صحت جي سار سنڀال جون خدمتون مهيا ڪرڻ، ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملين تي عمل ڪرڻ جهڙوڪ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي شروعات ۽ ڪميونٽي جي تعليم، نقصانڪار سماجي ريتن رسمن کي چئلينج ڪرڻ لاءِ جنس جي بنياد تي تشدد ۽ غذائيت جي لاڳاپن کي منهن ڏيڻ سان، اسان عورتن ۽ ڇوڪرين جي حفاظت ۽ وقار کي يقيني بڻائڻ دوران صحت مند ماحول ۽ نرم مزاج ۽ ساڃاهه وند برادرين کي ترقي ڏئي سگهون ٿا.
جنس جي بنياد تي تشدد جي خلاف 16 ڏينهن جي سرگرميءَ جي عالمي مهم جي طور تي، 25 نومبر کان 10 ڊسمبر تائين ملهايو ويو، هن مهم ۾ جنس جي بنياد تي تشدد جي وسيع اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اجتماعي ڪارروائي جي تڪميل تي زور ڏنو ويو.
(ليکڪا انٽر نيشنل ريسڪيو ڪميٽي، پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر آهي.)