ايران مان ايندڙ موسمي سسٽم، پاڪستان ۾ هنگامي الرٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايران مان ايندڙ تازي موسمي سسٽم ۾ گدلاڻ جي خدشي سبب موسميات کاتي اهم الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي سڀني ريجنل سينٽرز ۽ آبزرويٽريز کي هنگامي بنيادن تي برسات جي پاڻي جا نمونا جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
موسميات کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ايران مان داخل ٿيندڙ موسمي سسٽم بابت خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ان ۾ گدلاڻ شامل ٿي سگهي ٿو، ان خطري کي ڏسندي سڀني ريجنل سينٽرن کي متحرڪ ڪيو ويو آهي.
هر آبزرويٽري کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها برسات دوران پاڻي جا نمونا باقاعدگي سان جمع ڪري، جن کي ليبارٽري ٽيسٽنگ لاءِ موڪليو ويندو.
ان قدم جو مقصد اهو ڄاڻڻ آهي ته ڇا برسات جي پاڻي ۾ ڪو ماحولياتي گدلاڻ يا هاڃيڪار اثر ته موجود ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.