ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي چيو آهي ته بنگلاديش خلاف سيريز ۾ نوجوانن کي موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا.
ڍاڪا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهين آفريدي چيو ته نوجوان رانديگر مستقبل ۾ ٽيم جي مضبوطي جو سبب بڻجندا، ٽيم کي ايندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن بهتر ڪامبينيشن جوڙي سگهجي.
هن چيو ته معاذ صداقت، صاحبزادا فرحان ۽ شمائل حسين ڊيبيو ڪندا، نوجوان لسٽ اي ۽ پاڪستان شاهينز طرفان کيڏي چڪا آهن.
شاهين آفريدي بنگلاديش کي مضبوط مخالف قرار ڏيندي چيو ته هوم گرائونڊ تي هر ٽيم خطرناڪ ثابت ٿيندي آهي، تنهن ڪري سيريز کي سنجيدگي سان وٺي رهيا آهيون ۽ ٽيم ڀرپور تياري سان ميدان ۾ لهندي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز سڀاڻي کان شروع ٿيندي.
You might also like