ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي وائيٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ مائيڪ هيسن بنگلاديش جي دوري لاءِ نئين ٽيم تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نوجوانن ڊوميسٽڪ ۽ پاڪستان شاهينز طرفان سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري ٽيم ۾ پاڻ جاءِ ٺاهي آهي.
ڍاڪا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مائيڪ هيسن چيو ته اسان ڏکي ڪنڊيشن ۾ نون رانديگرن کي آزمائڻ چاهيون ٿا، ٽيم ۾ نوجوانن سان گڏ تجربي ڪار رانديگر به موجود آهن، هي هڪ دلچسپ گروپ آهي.
هن چيو ته صاحبزادا فرحان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بهترين ڪارڪردگي سان پاڻ مڃرايو، جڏهن ته هن ڊوميسٽڪ ۾ 50 اوورن جي ڪرڪيٽ ۾ به سٺي راند ڏيکاري، شمائل حسين هڪ باصلاحيت رانديگر آهي، هن فرسٽ ڪلاس ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون آهن، لسٽ اي ۾ به شاندار رهيو ۽ شاهينز سان به سٺو کيڏيو.
سندس چوڻ هو ته معاذ صداقت ڪجهه عرصي کان ٽيم جي ويجهو رهيو آهي، هي اهو نالو آهي، جنهن کي وڌيڪ ڏسڻ جو موقعو ناهي مليو ۽ هيءَ سيريز ان لاءِ پنهنجي صلاحيت ڏيکارڻ جو موقعو آهي.
You might also like