ميرپورخاص (بيورورپورٽ) سنڌ حڪومت پاران ڪمند جو سرڪاري اگھ اعلان نه ڪرڻ خلاف سنڌ آبادگار بورڊ ميرپورخاص جي صلعي صدر حاجي عمر ٻگھيو ۽ سينئر نائب صدر ملوڪ راڄڙ پاران سنڌ هائي ڪورٽ ميرپورخاص بئنچ ۾ ائيني پٽيشن داخل ڪرائي آهي آئيني پٽيشن ۾ آبادگار اڳواڻن سنڌ حڪومت چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽڙي زراعت، ڪين ڪمشنر، ضلعي ڪين ڪمشنر / ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي سنڌ آبادگار بورد ميرپورخاص جي صدر حاجي عمر ٻگھيو ٻڌايو ته شگر ڪين ايڪٽ تحت هر سال سنڌ حڪومت کي 30 نومبر تائين ڪمند جي سرڪاري اگھ جو اعلان ڪرڻ جي پابند آهي پر 2024 جي سيزن جو ڊسمبر جو اڌ مهينون گذرڻ جي باوجود حڪومت پاران ڪمند جي سرڪاري اگھ جو اعلان نه ڪيو ويو آهي جنهن سان آبادگار سخت پريشان اهن هنن چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڪمند جو سرڪاري اگھ مقرر نه ڪرڻ سبب شگر مل مافيا پننجي هڪ هٽي قائم ڪري ڇڏي آهي ۽ شگر مل مالڪ پنهنجي مرضي جا اگھ مقرر ڪري آبادگارن کان ڪمند خريد ڪري رهيا آهن جنهن سان آبادگارن جو وڏو مالي نقصان ٿي رهيو آهي هن چيو ته ڪمند جو اگھ مقرر ڪرڻ لاءِ اسان جو اختيارين کان 2 اجلاس ٿي چڪا آهن جنهن ۾ اسان آبادگارن پاران ڪمند جو گھٽ ۾ گھٽ اگھ 475 کان 500 روپيا مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي پر هن وقت تائين انهن اجلاسن ۾ ڪيل مشورن جي بنياد تي ڪمند جو اگھ مقرر نه ڪيو ويو آهي جيڪو غيرآئيني ۽ غيرقانوني هجڻ سان گڏ آبادگار دشمن روويو آهي. هن چيو ته داخل ڪيل پٽيشن تي جلد فيصلو اچڻ سان آبادگار وڏي مالي نقصان کان بچي سگھندا ۽ جيڪڏهن اهڙو رويو جاري رهيو ته ايندڙ سيزن ۾ آبادگار ڪمند جي جاءِ تي ٻيا فصل پوکڻ تي مجبور ٿيندا ، جنهن سان ملڪ ۾ کنڊ جو وڏو بحاران پيدا ٿي سگھي ٿو.