بينظير هائوسنگ سيل پروگرام جي ٺيڪي ۾ بي ضابطگين تي جواب طلب

ڪراچي ( رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾سنڌ ۾ گهٽ آمدني وارن شهرين لاءِ شهيد بينظير ڀٽو هائوسنگ سيل پروگرام وارو ٺيڪي جي  معاهدو وارو معاملو، اين جي او ٺيڪن ۾ بي ضابطگين خلاف عدالت سان رجوع ڪري ورتو.عدالت داخل درخواست تي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، چيئرمين پروڪيورمينٽ ڪميٽي ۽ سپرا سميت ٻين واسطيدرا ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتوآهي۔درخواستگذار داخل رخواست ۾ چيو ته بينظير ڀٽو هائوسنگ سيل پروگرام 2011 ۾ گهٽ آمدني وارن شهرين لاءِ ٺاهيو ويو، پروگرام جي ٽئين مرحلي ۾ 30 ضلعن ۾ 6 هزار گهرن جي تعمير لاءِ ٽينڊر  جاري ڪيا ويا. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اشتهار جي ڀڃڪڙي ڪندي پرائيويٽ ڪانٽريڪٽرن کي به بولي جي اجازت ڏني وئي آهي، اشتهار، ضرورت مطابق گهٽ قيمت هائوسنگ يونٽن جي تعمير جي نگراني لاءِ تجويزون طلب ڪيون ويون، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته منصوبي جي پوئين مرحلي ۾ صرف اين جي اوز کي ٺيڪا ڏنا ويا هئا، اها اسڪيم ڪميونٽي جي بنياد تي گهرن جي تعمير لاءِ آهي جنهن لاءِ غير ماهر مزدورن کي تربيت ڏني ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.