پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ٻن ضلعن ۾ هٿياربندن پوليو ٽيم تي حملا ڪري ڏنا جنهن ۾ هڪ پوليو ورڪر ۽ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا جڏهن ته هڪ پوليو ورڪر زخمي ٿي پيو. پوليس موجب ڪالا خيل مستي خان ۾ جوابدارن پوليو ورڪر تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويا. مارجي ويل ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته کيس نشانو بڻايو ويو. پوليس واقعي کي پراڻي دشمني جو نتيجو قرار ڏنو. ٻئي پاسي ڪرڪ ۾ فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ پوليو ورڪر زخمي ٿي پيو. شهيد پوليس اهلڪار پوليو ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ ساڻن گڏ مقرر هو. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي واقعي جي مذمت ڪندي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ زخمي جي هر ممڪن علاج يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.